ڪراچي-12 ڊسمبر (اي پي پي)سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري قطر جي قومي ڏينهن جي مناسبت سان منعقد تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. تقريب ۾ آمد تي قطر جي قونصل جنرل ۽ ٻئي سفارتي عملي گورنر سنڌ جو مانائتو آڌرڀاءُ ڪيو. گورنر سنڌ قونصل جنرل کي گلدستو پيش ڪيو ۽ قومي ڏينهن تي واڌايون ڏيندي ٻنهي ملڪن وچ ۾ دوستي ۽ سهڪار جي پراڻن لاڳاپن جي واکاڻ ڪئي. …
سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري پاران قطر جي قومي ڏينهن جي مناسبت سان منعقد تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت

مزید خبریں
ڪراچي-12 ڊسمبر (اي پي پي)سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري قطر جي قومي ڏينهن جي مناسبت سان منعقد تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. تقريب ۾ آمد تي قطر جي قونصل جنرل ۽ ٻئي سفارتي عملي گورنر سنڌ جو مانائتو آڌرڀاءُ ڪيو. گورنر سنڌ قونصل جنرل کي گلدستو پيش ڪيو ۽ قومي ڏينهن تي واڌايون ڏيندي ٻنهي ملڪن وچ ۾ دوستي ۽ سهڪار جي پراڻن لاڳاپن جي واکاڻ ڪئي. تقريب دوران گورنر سنڌ قونصل جنرل ۽ ٻين معزز شرڪت ڪندڙن سان گڏجي ڪيڪ ڪاٽيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي گورنر سنڌ چيو ته قطر سان واپار ۾ اضافو خطي ۾ خوشحالي ۽ معاشي استحڪام کي يقيني بنائڻو آهي. هن چيو ته سنڌ صوبي جي پرڪشش شعبن ۾ سيڙپڪاري فوري منافعي ۽ محفوظ ڪاروباري ماحول جي ضمانت آهي. سنڌ جي گورنر قطر جي سيڙپڪارن کي صوبي ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو ته حڪومت سيڙپڪارن کي هرممڪن سهولت فراهم ڪري رهي آهي. گورنر سنڌ وڌيڪ چيو ته قومي ڏينهن جي مناسبت سان منعقد هيءَ تقريب پاڪ _ قطر ٻطرفن لاڳاپن،گڏيل اعتماد ۽ سهڪار کي مضبوط اظهار کي ظاهر ڪري ٿي.











