آمريڪي صدر مصنوعي ذھانت لاءِ قومي ريگيوليٽري فريم ورڪ جاري ڪرڻ لاءِ ايگزيڪيوٽو آرڊر تي صحيحيون ڪري ڇڏيون

واشنگٽن - 12 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ مصنوعي ذھانت (اي آءِ) لاءِ قومي ريگيوليٽري فريم ورڪ جاري ڪرڻ لاءِ ايگزيڪيوٽو آرڊر تي صحيحيون ڪري ڇڏيون آھن، جنھن جو مقصد ان شعبي ۾ رياستن جي اختيارن کي محدود ڪندي ملڪ ۾ ھڪ جھڙي پاليسي لاڳو ڪرڻ آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق ايگزيڪيوٽو آرڊر ۾ چيو ويو آھي ته آمريڪي اي آءِ ڪمپنين کي ترقي ۽ جدت لاءِ  آزاد …

واشنگٽن – 12 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ مصنوعي ذھانت (اي آءِ) لاءِ قومي ريگيوليٽري فريم ورڪ جاري ڪرڻ لاءِ ايگزيڪيوٽو آرڊر تي صحيحيون ڪري ڇڏيون آھن، جنھن جو مقصد ان شعبي ۾ رياستن جي اختيارن کي محدود ڪندي ملڪ ۾ ھڪ جھڙي پاليسي لاڳو ڪرڻ آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق ايگزيڪيوٽو آرڊر ۾ چيو ويو آھي ته آمريڪي اي آءِ ڪمپنين کي ترقي ۽ جدت لاءِ  آزاد ماحول گھربل آھي، جڏھن ته رياستي سطح تي ضرورت کان وڌيڪ ريگيوليشن ان عمل ۾ رڪاوٽ جو سبب بڻجي رھيا آھن. آرڊر مطابق ھڪ رياست جي ٻين رياست سان قائدن ۽ ضابطن جو موجوده پيچيده نظام اسٽارٽ اپس ۽ ٻين ادارن لاءِ تعميل جي عمل کي مشڪل بڻائي ٿو ۽ ڪجھه رياستي قانون ادارن جي ماڊلز ۾ نظرياتي تعصب شامل ڪرڻ تي مجبور ڪري رھيا آھن. صدر ٽرمپ چيو ته سندس انتظاميا ڪانگريس سان گڏجي گھٽ ۾ گھٽ پابندين تي ٻڌل ھڪ قومي معيار کي لاڳو ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي ته جيئن 50 رياستن جي مختلف قانونن سبب پيدا ٿيندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪري سگھجي. ايگزيڪيوٽو آرڊر ۾ اٽارني جنرل پام بونڊي کي ”اي آءِ لٽيگيشن ٽاسڪ فورس“ قائم ڪرڻ جي به ھدايت ڪئي وئي آھي، جيڪا رياستي سطح تي ٺاھيل اي آءِ جي قانونن کي چئلينج ڪرڻ جي ذميواري سنڀاليندي. آرڊر مطابق آرڊر تي عمل نه ڪرڻ جي صورت ۾ رياستن کي وفاقي فنڊنگ ۾ گھٽتائي سميت ٻين سزائن کي منھن ڏيڻو پئجي سگھجي ٿو. رپورٽن مطابق وفاقي قانون سازي نه ٿيڻ سبب اڪثر رياستون اڳ ئي اي آءِ جي امڪاني خطرن کي منھن ڏيڻ لاءِ قانون ٺاھي چڪيون آھن.

مزید خبریں