اسلام آباد-11 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پاڪستان جو جابلُو سلسلو اسان جي قومي سُڃاڻپ ۽ قدرتي شان آهن. پهاڙ ملڪي سيڪيورٽي، آبي استحڪام ۽ ماحولياتي توازن جو بنيادي ٿنڀ آهن. جبلن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته هماليه ۽ هندوڪش جا گليشيئرز ملڪ جي آبي نظام ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا. …
پاڪستان جو جابلُو سلسلو اسان جي قومي سڃاڻپ ۽ قدرتي شان آهن: سردار اياز صادق

مزید خبریں
اسلام آباد-11 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پاڪستان جو جابلُو سلسلو اسان جي قومي سُڃاڻپ ۽ قدرتي شان آهن. پهاڙ ملڪي سيڪيورٽي، آبي استحڪام ۽ ماحولياتي توازن جو بنيادي ٿنڀ آهن. جبلن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته هماليه ۽ هندوڪش جا گليشيئرز ملڪ جي آبي نظام ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا. گليشيئر جي تيزيءَ سان پگهرجڻ ۽ گليشيئر جي ڦاٽڻ سان ايندڙ ٻوڏ جا واقعا فوري ڌيان طلب آهن. پارليامينٽ ماحول دوست قانونسازيءَ لاءِ هر ممڪن ڪردار ادا ڪندو. پهاڙن جي تحفظ لاءِ جامع قومي حڪمت عملي وقت جي ضرورت آهي، نوجوانن کي ماحول جي تحفظ لاءِ عملي ڪردار ادا ڪندو پوندو. جابلُو علائقن ۾ ماحولياتي گهٽتائي کي روڪڻ لاءِ سمورن ادارن کي گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي. ايندڙ نسلن کي هڪ محفوظ ۽ صاف شفاف ماحول فراهم ڪرڻ قومي ذميداري آهي. جبلن جو عالمي ڏينهن قدرتي امانتن جي تحفظ جي ياد ڏياري ٿو.











