حيدرآباد-11 ڊسمبر(اي پي پي) سنڌ جي يونيورسٽين ۽ بورڊز کاتي واري صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي خاص هدايتن تي عوامي مسئلن جي حل لاءِ سڄي سنڌ ۾ کليل ڪچهرين جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي ته جيئن عوام جي مسئلن کي سڌيءَ ريت معلوم ڪري سگهجي ۽ هر ممڪن سطح تي حل …
عوامي مسئلن جي حل لاءِ سڄي سنڌ ۾ کليل ڪچهرين جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي: صوبائي وزير اسماعيل راهو

مزید خبریں
حيدرآباد-11 ڊسمبر(اي پي پي) سنڌ جي يونيورسٽين ۽ بورڊز کاتي واري صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي خاص هدايتن تي عوامي مسئلن جي حل لاءِ سڄي سنڌ ۾ کليل ڪچهرين جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي ته جيئن عوام جي مسئلن کي سڌيءَ ريت معلوم ڪري سگهجي ۽ هر ممڪن سطح تي حل ڪري سگهجي. جاري ڪيل پڌرائي موجب هن اها ڳالهه ڊپٽي ڪمشنر آفيس ميرپورخاص ۾ کليل ڪچهري کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي سياسي اڳواڻن، صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن ۽ مختلف شعبن جي اهم شخصيتن پڻ کليل ڪچهري ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر رشيد مسعود خان ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص ڊاڪٽر سمير نور چنا، ايڊيشنل ڪمشنر ون سڀاش چندر، ايڊيشنل ڪمشنر ٽو بشارت حسين، ميئر عبدالرؤف غوري ۽ وائيس چانسلر يونيورسٽي آف ميرپورخاص ڊاڪٽر محمد رفيق ميمڻ، مير بهرام ٽالپر ۽ لاڳاپيل کاتن جا آفيسر پڻ موقعي تي موجود هئا. ان موقعي تي صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو ته کليل ڪچهري جو مقصد عوام کي درپيش مسئلن کي ٻڌڻ ۽ انهن تي فوري عملدرآمد ڪرائڻ آهي ۽ ان جو مقصد پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي منشور تحت چونڊ مهم دوران عوام سان ڪيل واعدن کي پورو ڪرڻ جي طرف هڪ اهم ڪڙي آهي. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ 2008ع تائين 16 سرڪاري شعبي جون يونيورسٽيون هيون جيڪي هاڻي 20 آهن ۽ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت ماڻهن جي سفري سهولتن کي نظر ۾ رکندي روڊن جي شعبي ۾ ترقياتي منصوبا مڪمل ڪيا آهن. ان کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي يونيورسٽيز ۽ بورڊز واري صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو صحت جي شعبي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته تعليم ۽ صحت پاڪستان پيپلز پارٽي جي اولين ترجيح آهن ۽ ان حوالي سان درپيش سڀني مسئلن کي حل ڪيو پيو وڃي. اسڪولن ۾ فرنيچر جي کوٽ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت اسڪولن ۾ فرنيچر جي کوٽ جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن سطح تي ڪوششون ڪري رهي آهي. غير قانوني قبضا ختم ڪرڻ جي حوالي سان صوبائي وزير چيو ته اسان سڀني کي غير قانوني قبضن کي هٽائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. سنڌ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو ته ماضي ۾ نوان صوبا ٺاهڻ جون ڳالهيون ٿينديون رهيون آهن، پر سنڌ حڪومت ڪڏهن به سنڌ جي وحدت کي ختم نه ڪندي. کليل ڪچهري ۾ ماڻهن پاران سوئي گئس جي گهٽ پريشر ۾ فراهم ڪرڻ، حيسڪو پاران بغير ڪنهن جواز جي ڊٽيڪشن بل جاري ڪرڻ، روينيو ڊپارٽمينٽ پاران جعلي زمين جا دستاويز ٺاهڻ، شهر ۾ سرعام منشيات جو وڪرو ٿيڻ ۽ سول اسپتال ۾ سي ٽي اسڪين جي سهولت نه هجڻ جهڙا مسئلا پيش ڪيا ان کان علاوه ٻهراڙي جي صحت مرڪزن جي غير فعال هجڻ، ميرپورخاص يونيورسٽي ۾ ڀرتي جي عمل ۾ مقامي ماڻهن کي نظرانداز ڪرڻ، شهر ۾ وڌندڙ قبضن کي ختم ڪرڻ ، صحت کاتي پاران اسپتالن ۾ جعلي دوائن جي فراهمي، شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ ۾ نادرا پاران غير منصفاڻو رويو اختيار ڪرڻ ، ميرپورخاص ميڊيڪل ڪاليج شروع ڪري مڪمل فعال بڻائڻ سميت ٻيا لاڳاپيل مسئلا اتي پيش ڪيا ويا.











