اسلام آباد - 11 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ فيض حميد جي خلاف فيصلي کي حق ۽ سچ جي فتح قرار ڏيندي چيو آهي ته قانون کان ڪير به مٿانهون نه آهي، فيض حميد سمورن الزامن جو مرتڪب ٿيو، فوج ۾ خود احتسابي جو عمل تمام گهڻو مضبوط آهي جنهن جو واضح مثال سڀني ڏسي ورتو …
اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ فيض حميد جي خلاف فيصلو حق ۽ سچ جي فتح قرار، قانون کان ڪير به مٿانهون نه آهي: عطاءُ الله تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد – 11 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ فيض حميد جي خلاف فيصلي کي حق ۽ سچ جي فتح قرار ڏيندي چيو آهي ته قانون کان ڪير به مٿانهون نه آهي، فيض حميد سمورن الزامن جو مرتڪب ٿيو، فوج ۾ خود احتسابي جو عمل تمام گهڻو مضبوط آهي جنهن جو واضح مثال سڀني ڏسي ورتو آهي. صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ انصاف ۽ قانون جي حڪمراني جو وڏو ڏينهن آهي، فيض حميد کي 15 مهينن تائين جاري رهندڙ ٽرائل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ثبوتن جي بنياد تي سزا ٻڌائي وئي. هن چيو ته فوج جي اندر موثر ۽ ٺوس خود احتسابي جو نظام موجود آهي جنهن تحت اختيارن جي ناجائز استعمال، سيڪريٽ ايڪٽ جي خلاف ورزي ۽ سياسي معاملن ۾ مداخلت جهڙن معاملن تي سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ٿي. فيض حميد تي رٽائرمينٽ کانپوءِ سياسي سرگرمين ۾ شرڪت تي پابندي هئي جڏهن ته ان جي باوجود هو پي ٽي آءِ جو پوليٽيڪل ايڊوائيزر رهيو ۽ 9 مئي جي واقعن سميت انتشار انگيز معاملن ۾ سندس شموليت جا ناقابل ترديد ثبوت سامهون آيا. هن چيو ته ٽاپ سٽي ڪيس ۾ به کيس اڳ ئي سزا ٻڌائي وئي آهي جڏهن ته سياسي معاملن ۾ مداخلت بابت وڌيڪ جاچ جاري رهندي. هن چيو ته اڄ پاڪستان جي لاءِ وڏو ڏينهن آهي ته ريڊ لائين ڪراس ڪرڻ، ماڻهن سان ظلم ۽ زيادتي ڪرڻ ۽ پنهنجي اٿارٽي جو غلط استعمال ڪندڙ شخص کي سزا ٿي آهي. وفاقي وزير چيو ته فيض حميد کي ٽرائل دوران مڪمل موقعو فراهم ڪيو ويو ته هو پنهنجو دفاع ڪري ۽ پنهنجي حق ۾ گواهه پيش ڪري. هن چيو ته سمورن گواهن جا بيان قلمبند ٿيڻ ۽ ثبوتن جي جامع جائزي کانپوءِ فيصلو ٻڌايو ويو جيڪو قانوني گهرجن ۽ انصاف جي اصولن موجب آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪو به شخص قانون کان مٿانهون نه آهي، فوج جو خود احتسابي جو نظام موجود آهي جنهن جو پنهنجو هڪ معيار آهي، جيڪو به ريڊ لائين عبور يا اختيارن جو غلط استعمال ڪندو، ان جي خلاف ڪارروائي لازمي آهي. هن چيو ته فيض حميد اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو، سيڪريٽ ايڪٽ جي خلاف ورزي سميت سياسي معاملن ۾ ملوث هجڻ بابت ناقابل ترديد ثبوت موجود آهن. هن چيو ته اڄ حق ۽ سچ جي فتح ٿي آهي.











