روم- 11 ڊسمبر (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت بابت وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي چيو آهي ته پاڪستان عالمي ثقافتي ورثي جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي، ان مقصد لاءِ عالمي سطح تي گڏيل ڪوششون اڻٽر آهن. قومي ورثي ۽ ثقافت واري وزارت طرفان جاري بيان مطابق اورنگزيب خان کچي انهن خيالن جو اظهار اٽلي جي شهر روم ۾ انٽرنيشنل سينٽر فار اسٽڊي پرزرويشن اينڊ ريسٽوريشن آف ڪلچرل پراپرٽي …
پاڪستان عالمي ثقافتي ورثي جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي: وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي

مزید خبریں
روم- 11 ڊسمبر (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت بابت وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي چيو آهي ته پاڪستان عالمي ثقافتي ورثي جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي، ان مقصد لاءِ عالمي سطح تي گڏيل ڪوششون اڻٽر آهن. قومي ورثي ۽ ثقافت واري وزارت طرفان جاري بيان مطابق اورنگزيب خان کچي انهن خيالن جو اظهار اٽلي جي شهر روم ۾ انٽرنيشنل سينٽر فار اسٽڊي پرزرويشن اينڊ ريسٽوريشن آف ڪلچرل پراپرٽي (آءِ سي سي آر او ايم) جي جنرل اسيمبلي جي 34هين اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته موسمياتي تبديلين، قدرتي آفتن ۽ هٿياربند تڪرارن جي وڌندڙ خطرن کي نظر ۾ رکندي عالمي ثقافتي ورثي کي محفوظ بڻائڻ لاءِ گڏيل ڪوششون اڻٽر آهن، پاڪستان ايندڙ نسلن لاءِ گڏيل ورثي جي تحفظ بابت آءِ سي سي آر او ايم سان مڪمل سهڪار لاءِ پرعزم آهي. وفاقي وزير آءِ سي سي آر او يم جي فليگ شپ پروگرامن جهڙوڪ ورلڊ هيريٽيج ليڊرشپ، ڊزاسٽر رسڪ مينيجمينٽ ۽ نوجوانن جي حصيداري ۾ پاڪستان جي ڀرپور شرڪت کي اجاگر ڪيو. هن آءِ سي سي آر او ايم جي اسٽريٽجڪ ترجيحن سال2031-2026ع جي ڀرپور حمايت ڪندي ڏکڻ-ڏکڻ تعاون ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڀريو. وفاقي وزير ٻوڏ کانپوءِ پاڪستان جي ثقافتي ورثي جي بحالي جا تجربا به اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن سان شيئر ڪيا جن کي ساراهيو ويو. آءِ سي سي آر او ايم جي اجلاس ۾ ثقافت واري وزير اورنگزيب خان کچي جي شرڪت پاڪستان جي وسيع تر سفارتڪاري جو حصو آهي. سندس تازي شرڪت او آءِ سي ڪلچرل فيسٽيول (باڪو) سميت مختلف عالمي فورمز ۾ پاڪستان جي وڌندڙ ڪردار کي اجاگر ڪري ٿي، ان دوري سان قومي سطح تي ثقافتي ورثي جي تحفظ لاءِ فني سهڪار ۽ علمي مٽا سٽا جا نوان رستا کلڻ جي اميد آهي.











