قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پاران پارليامينٽ لاجز جو دورو، اڏاوتي منصوبي تي اڳڀرائي جو جائزو

اسلام آباد - 11 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پارليامينٽ لاجز جو دورو ڪيو، منشيات جي روڪٿام ۽ گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير طلال چوڌري به ساڻس گڏ ھو، سردار اياز صادق 104 اضافي فيملي سوئٽس جي اڏاوتي منصوبي تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ تعمير ھيٺ ماڊل پراجيڪٽ جو معائنو ڪيو، اھو منصوبو 2011ع ۾ شروع ۽ 2013ع ۾ مڪمل ٿيڻو ھو. قومي …

اسلام آباد – 11 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پارليامينٽ لاجز جو دورو ڪيو، منشيات جي روڪٿام ۽ گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير طلال چوڌري به ساڻس گڏ ھو، سردار اياز صادق 104 اضافي فيملي سوئٽس جي اڏاوتي منصوبي تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ تعمير ھيٺ ماڊل پراجيڪٽ جو معائنو ڪيو، اھو منصوبو 2011ع ۾ شروع ۽ 2013ع ۾ مڪمل ٿيڻو ھو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مطابق اسپيڪر سردار اياز صادق جي درخواست تي وزيراعظم محمد شھباز شريف فنڊز جاري ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ۽ سندس ڀرپور ڪوششن سبب گذريل ڏھاڪي کان رڪيل اڏاوتي ڪم ٻيھر شروع ٿيو. اسپيڪر سردار اياز صادق سي ڊي اي کي منصوبي کي معيار مطابق ۽ وقت سر مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي ھدايت ڪندي چيو ته پارليامينٽ جي ميمبرن کي رھائش جي مسئلن کي منھن ڏيڻو پوي ٿو، منصوبو وقت سر مڪمل ڪرڻ ۾ ڪا ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. واضح رهي ته اسپيڪر سردار اياز صادق جي خاص نگراني سبب منصوبو مڪمل ٿيڻ جي آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آھي.

مزید خبریں