پشاور-11 ڊسمبر(اي پي پي) خيبرپختونخواه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته صوبي کي جيڪي مسئلا درپيش آهن انهن جي حل لاءِ سمورين سياسي پارٽين کي گڏجي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان مسلم ليگ جي نائب صدر ارباب خضر حيات جي اڳواڻي ۾ هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان موجب گورنر چيو ته صوبي ۾ امن انتهائي ضروري آهي. امن جو …
صوبن جي مسئلن جي حل لاءِ سمورين سياسي پارٽين کي گڏجي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو: گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي

مزید خبریں
پشاور-11 ڊسمبر(اي پي پي) خيبرپختونخواه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته صوبي کي جيڪي مسئلا درپيش آهن انهن جي حل لاءِ سمورين سياسي پارٽين کي گڏجي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان مسلم ليگ جي نائب صدر ارباب خضر حيات جي اڳواڻي ۾ هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان موجب گورنر چيو ته صوبي ۾ امن انتهائي ضروري آهي. امن جو قيام وفاق ۽ سيڪيورٽي فورسز جي مدد کانسواءِ ممڪن نه آهي. هن چيو ته صوبو اڪيلي سر انهن حالتن کي منهن نه ٿو ڏئي سگهي. وفد صوبائي مسئلن جي حل لاءِ گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جي ڪردار کي خراج تحسين پيش ڪيو.











