اسلام آباد - 11 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪمانستان جي صدر سردار بردي محمدوف جي دعوت تي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اشڪ آباد ترڪمانستان روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اشڪ آباد ۾ منعقد امن ۽ اعتماد بابت عالمي سال، غيرجانبداري بابت عالمي ڏينهن ۽ ترڪمانستان جي ٽيهه سالا مستقل غيرجانبداري جي سالگرهه جي حوالي سان منعقد …
وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪمانستان جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي روانو

مزید خبریں
اسلام آباد – 11 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪمانستان جي صدر سردار بردي محمدوف جي دعوت تي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اشڪ آباد ترڪمانستان روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اشڪ آباد ۾ منعقد امن ۽ اعتماد بابت عالمي سال، غيرجانبداري بابت عالمي ڏينهن ۽ ترڪمانستان جي ٽيهه سالا مستقل غيرجانبداري جي سالگرهه جي حوالي سان منعقد فورم ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم ترڪمانستان جي صدر سردار بردي محمدوف کانسواءِ فورم ۾ شريڪ عالمي اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، پاور ڊويزن وارو وفاقي وزير سردار اويس خان لغاري، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، خاص معاونين طارق فاطمي ۽ طلحيٰ برڪيءَ پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن.











