اسلام آباد - 11 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان آئرلينڊ جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير مريم آفتاب پرڏيهي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم پرڏيهي وزارت ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري (آمريڪا) جي حيثيت سان نامزد سفير جي پيشيواراڻي مهارت ۽ سندس اڻٿڪ خدمتن کي ساراهيندي سندس نئين ذميواري جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم سينيٽر …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان آئرلينڊ جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير مريم آفتاب جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 11 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان آئرلينڊ جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير مريم آفتاب پرڏيهي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم پرڏيهي وزارت ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري (آمريڪا) جي حيثيت سان نامزد سفير جي پيشيواراڻي مهارت ۽ سندس اڻٿڪ خدمتن کي ساراهيندي سندس نئين ذميواري جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار ان يقين جو اظهار ڪيو ته سندس ڪوششن سان پاڪستان ۽ آئرلينڊ جا لاڳاپا خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، تعليم ۽ عوام جي وچ ۾ مٽاسٽا ۾ وڌيڪ استحڪام ايندو ۽ نامزد سفير محنت سان پاڪستان جي لاءِ خدمتون جاري رکندي.











