وزيراعظم پاران مراڪش ۾ ٻن رهائشي عمارتن جي ڊهڻ سان قيمتي جانين جي نقصان تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد-11 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مراڪش ۾ ٻن رهائشي عمارتن جي ڊهڻ سان قيمتي جانين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. خميس ڏينهن "ايڪس" تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته مراڪش جي علائقي فيز ۾ ٻن عمارتن جي ڪري تباهه ٿيڻ جي افسوسناڪ واقعي تي افسوس آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 19 قيمتي جانيون ضايع ٿيون …

اسلام آباد-11 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مراڪش ۾ ٻن رهائشي عمارتن جي ڊهڻ سان قيمتي جانين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. خميس ڏينهن "ايڪس” تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته مراڪش جي علائقي فيز ۾ ٻن عمارتن جي ڪري تباهه ٿيڻ جي افسوسناڪ واقعي تي افسوس آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 19 قيمتي جانيون ضايع ٿيون ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا. هن متاثر خاندانن ۽ مائٽن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم ڏک جي هن گهڙي ۾ مراڪش جي حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ جاري ريسڪيو آپريشن جي ڪاميابي لاءِ دعا ڪئي.

مزید خبریں