وزيراعظم پاران ماحولياتي نظام جي تحفظ جي لاءِ قومي عزم جو ورجاءُ

وزيراعظم پاران ماحولياتي نظام جي تحفظ جي لاءِ قومي عزم جو ورجاءُ اسلام آباد - 11 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ماحولياتي نظام جي تحفظ جي لاءِ قومي عزم جو ورجاءُ ڪرڻ ۽ موسمياتي استحڪام، زمين جي ذميواراڻي استعمال، سياحت ۽ مقامي آبادي جي شموليت سان ٺوس قدم کڻڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته گليشيئرز اسان جي پاڻي نظام ۽ زندگي جي لاءِ ڪرنگهي جي هڏي …

وزيراعظم پاران ماحولياتي نظام جي تحفظ جي لاءِ قومي عزم جو ورجاءُ اسلام آباد – 11 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ماحولياتي نظام جي تحفظ جي لاءِ قومي عزم جو ورجاءُ ڪرڻ ۽ موسمياتي استحڪام، زمين جي ذميواراڻي استعمال، سياحت ۽ مقامي آبادي جي شموليت سان ٺوس قدم کڻڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته گليشيئرز اسان جي پاڻي نظام ۽ زندگي جي لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا، سمورا پاڪستاني خاص طور تي نوجوان ماحولياتي تحفظ جا سفير بڻجن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب جبلن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان عالمي برادري سان هڪ آواز ٿي اڄ جبلن جو عالمي ڏينهن ملهائي رهيو آهي جنهن جو مقصد متوازن قدرتي ماحول جي لاءِ ان جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ آهي. هن چيو ته 2025ع ۾ هي ڏينهن ”پاڻي، خوراڪ ۽ روزگار جي لاءِ گليشيئرز جو جبلن ۾ ۽ مجموعي اهم ڪردار“ جي عنوان تحت ملهايو پيو وڃي، اهو موضوع پاڪستان جي لاءِ خصوصي اهميت رکندڙ آهي ۽ ڪيترن ئي موقعن جي نشاندهي ڪري ٿو جيڪي پاڪستان جي قدرتي دولت ۾ لڪيل آهن. هن چيو ته الله تعاليٰ جي خاص ڪرم نوازي آهي جو پاڪستان قدرتي ماحول ۽ حُسن ۽ گهڻن موسمن سان مالامال آهي، پاڪستان دنيا جي بلند ترين جابلو سلسلن قراقرم، هماليه ۽ هندوڪش جي امتزاج جو مرڪز آهي. اسان وٽ 7 هزار کان وڌيڪ گليشيئرز آهن جن ۾ سياچن، بالتورو، بيافو ۽ بتورا جهڙا دنيا جا وڏا ۽ غيرمعمولي گليشيئرز شامل آهن. اهي گليشيئرز اسان جي پاڻي نظام ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا ۽ سنڌو درياءَ جي بيسن ۽ زرعي پيداوار جي لاءِ پاڻي فراهم ڪن ٿا. پن بجلي جي تياري ۾ مددگار ۽ اتر جي بلندين کان وٺي ساحلي ميداني علائقن تائين لکين شهرين کي پيئڻ جو پاڻي مهيا ڪن ٿا پر اهو قيمتي خزانو هاڻي خطرن ۾ ورتل آهي. گليشيئرز جو تيز پگهڙجڻ، موسمي تبديلي، گليشيائي ڍنڍن جو ڦاٽجي پوڻ ۽ ماحولياتي نظام جو بگاڙ جهڙا خطرا پاڻي ذخيرن، خوراڪ جي پيداوار، حياتياتي اوسر ۽ لاڳاپيل روزگار کي متاثر ڪري رهيا آهن. هن ان قيمتي ماحولياتي نظام جي تحفظ جي لاءِ پنهنجي قومي عزم کي ورجائڻ ۽ ان مقصد جي لاءِ موسمياتي استحڪام، ذميواراڻي زميني استعمال، سياحت ۽ مقامي آبادي جي شموليت سان ٺوس قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته ان ڏس ۾ ملڪي ۽ ماحولياتي ادارا ۽ سياسي تنظيمون گڏجي شعور ۽ آگاهي ۾ اضافو ڪري رهيون آهن جيڪو اطمينان جوڳو آهي. هن چيو ته اسان جون جابلو مقامي آباديون جيڪي ان تاريخي ثقافتي ورثي جون امين آهن، جبلن جي تحفظ جي مشن جو مرڪزي حصو آهن. هن جبلن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سمورن پاڪستانين خاص طور تي نوجوانن کي اپيل ڪئي ته اهي ماحولياتي تحفظ جا سفير بڻجن، گڏجي اهو يقيني بڻائين ته پاڪستان جا دلڪش گليشيئرز ۽ عظيم جابلو سلسلو ايندڙ نسلن جي لاءِ پڻ اهڙي طرح ڀرپور انداز ۾ ميسر رهي.

مزید خبریں