پاڪستان قومي ترقيءَ جا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ آمريڪا سان مضبوط ڀائيواريءَ جو خواهشمند آهي: احسن اقبال

اسلام آباد-10 ڊسمبر (اي پي پي) منصوبا بندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال سان ڏکڻ وچ ايشيائي معاملن بابت آمريڪا جي وقتي ڊپٽي اسسٽنٽ سيڪريٽري شيلي سيور وفد سان گڏ اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي پُراڻن ناتن، گڏيل سهڪار ۽ علائقائي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جا ناتا …

اسلام آباد-10 ڊسمبر (اي پي پي) منصوبا بندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال سان ڏکڻ وچ ايشيائي معاملن بابت آمريڪا جي وقتي ڊپٽي اسسٽنٽ سيڪريٽري شيلي سيور وفد سان گڏ اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي پُراڻن ناتن، گڏيل سهڪار ۽ علائقائي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جا ناتا تاريخي نوعيت رکندڙ آهن ۽ پاڪستان قومي ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ آمريڪا سان مضبوط ڀائيواريءَ جو خواهشمند آهي. هن سائنسي، فني ۽ تعليمي شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي وڌائڻ تي زور ڀريو. احسن اقبال چيو ته سائنسي ۽ تعليمي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، فل برائٽ پروگرام تحت پاڪستاني شاگرد آمريڪا جي معياري يونيورسٽين ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن جيڪي انساني وسيلن جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته انساني وسيلا ملڪ جو ”بنيادي سافٽ ويئر“ آهن جيڪي انفراسٽرڪچر کي فعال ۽ اثرائتو بڻائين ٿا، معياري يونيورسٽيون ۽ اعليٰ تعليمي نظام ئي ملڪن کي سپر پاور بڻائين ٿيون. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت مسلسل آبي اڳرائي جو مرتڪب بڻجي رهيو آهي جنهن سان پاڪستان جو معاشي ۽ زرعي شعبو متاثر ٿي سگهي ٿو، پاڪستان عالمي قانونن ۽ معاهدن جي روشنيءَ ۾ ان مسئلي کي اجاگر ڪري رهيو آهي. احسن اقبال وفد کي آگاهه ڪيو ته پاڪستان 2035ع تائين هڪ ٽريلين ڊالر معيشت جي هدف طرف ڀرپور ڪوشش ڪري رهيو آهي. ”اُڏام پاڪستان“ پروگرام تحت تعليمي شعبي ۾ بنيادي سڌارا متعارف ڪرايا پيا وڃن. هن چيو ته پاڪستان آمريڪا ناليج ڪوريڊور ذريعي ايندڙ 10 سالن ۾ 10 هزار معياري پي ايڇ ڊي اسڪالرز  تيار ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي جيڪو مستقبل جي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. ٻنهي ڌُرين ٻه طرفن ناتن کي اڳتي وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.

مزید خبریں