آمريڪا پاران ريڪوڊڪ مائننگ پروجيڪٽ لاءِ 1.25 ارب ڊالر جي فنانسنگ جي منظوري

اسلام آباد-10 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪا پاڪستان جي ريڪوڊڪ سائيٽ تي اهم معدنيات جي ترقي لاءِ 1.25 ارب ڊالر جي فنانسنگ پيڪيج جي منظوري ڏني آهي. اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارتخاني جي ناظم الامور نيٽالي بيڪر سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ وڊيو پيغام ۾ چيو ته آمريڪي ايڪسپورٽ - امپورٽ بينڪ تازو ئي فنانسنگ جي منظوري ڏني آهي، جيڪا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن …

اسلام آباد-10 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪا پاڪستان جي ريڪوڊڪ سائيٽ تي اهم معدنيات جي ترقي لاءِ 1.25 ارب ڊالر جي فنانسنگ پيڪيج جي منظوري ڏني آهي. اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارتخاني جي ناظم الامور نيٽالي بيڪر سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ وڊيو پيغام ۾ چيو ته آمريڪي ايڪسپورٽ – امپورٽ بينڪ تازو ئي فنانسنگ جي منظوري ڏني آهي، جيڪا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي مضبوط ڪندي پاڪستان جي معدني شعبي کي نمايان طور تي هٿي وٺرائيندي. هن چيو ته مون کي اهو ٻڌائيندي خوشي ٿي رهي آهي ته آمريڪي ايڪسپورٽ-امپورٽ بينڪ تازو ئي پاڪستان ۾ ريڪوڊيڪ ۾ اهم معدنيات جي مائننگ جي حمايت لاءِ 1.25 ارب ڊالر جي فنانسنگ جي منظوري ڏني آهي. هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ سالن ۾ ايگزيم جي منصوبي جي مالي مدد سان 2 ارب ڊالر تائين جي اعليٰ معيار جي آمريڪي کاڻون کوٽڻ جي سامان ۽ خدمتن کي آڻڻ ۾ مدد ملندي، جيڪا ريڪوڊڪ مائننگ جي تعمير ۽ هلائڻ لاءِ گهربل آهي. آمريڪي سفير چيو ته منصوبي سان ٻنهي ملڪن ۾ روزگار جا موقعا پيدا ٿيڻ جي اميد آهي.

آمريڪا ۾ اٽڪل 6 هزار نوڪريون ۽ بلوچستان ۾ اٽڪل 7500 نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا، جن مان مقامي ماڻهو فائدو کڻندا. هن ريڪوڊڪ جي شروعات کي گڏيل طور تي فائديمند سهڪار جي هڪ ماڊل طور بيان ڪيو ۽ چيو ته اهو اسان ٻنهي ملڪن جي عوام لاءِ روزگار ۽ خوشحالي آڻيندو. جڏهن ته آمريڪي روانگي واپار ڪندڙن جي مدد ڪندو ۽ پاڪستان جي کاڻون کوٽڻ جي صلاحيتن کي مضبوط ڪندو. هن چيو ته ٽرمپ انتظاميا اهڙين ڀائيوارين کي آمريڪي سفارتڪاري جو هڪ اهم ٿنڀ بڻايو آهي.هن وڌيڪ چيو ته اسان اهم معدنيات ۽ کاڻون کوٽڻ جي شعبي ۾ آمريڪي ڪمپنين ۽ انهن جي پاڪستاني هم منصبن وچ ۾ وڌيڪ معاهدا ڏسڻ جا منتظر آهيون. فنانسنگ جو اعلان پاڪستان جي معدني شعبي ۾ آمريڪا جي سڀ کان اهم اقتصادي مصروفيتن مان هڪ آهي، جيڪو هڪ اهڙي وقت ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ جو اشارو ڏئي ٿو جڏهن اهم معدنيات جي عالمي طلب ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.

مزید خبریں