پي ٽي آءِ ملڪ ۾ افراتفري ۽ ڏڦيڙ ڦهلائڻ چاهي ٿي: عون چوڌري

اسلام آباد-10 ڊسمبر (اي پي پي) اوورسيز پاڪستانين واري مملڪتي وزير عون چوڌري چيو آهي ته پي ٽي آءِ ملڪ ۾ افراتفري ۽ ڏڦيڙ ڦهلائڻ چاهي ٿي. عوام آڏو ڪوڙ تي ٻڌل مظلوميت جو لباس پائي ملڪ ۽ پاڪ فوج جو اميج تباهه ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، پي ٽي آءِ جو بيانيو ملڪ ۽ فوج خلاف آهي، جنهن ذريعي نفرت جو ٻج پوکيو پيو وڃي. حق جي ويڙهه …

اسلام آباد-10 ڊسمبر (اي پي پي) اوورسيز پاڪستانين واري مملڪتي وزير عون چوڌري چيو آهي ته پي ٽي آءِ ملڪ ۾ افراتفري ۽ ڏڦيڙ ڦهلائڻ چاهي ٿي. عوام آڏو ڪوڙ تي ٻڌل مظلوميت جو لباس پائي ملڪ ۽ پاڪ فوج جو اميج تباهه ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، پي ٽي آءِ جو بيانيو ملڪ ۽ فوج خلاف آهي، جنهن ذريعي نفرت جو ٻج پوکيو پيو وڃي. حق جي ويڙهه کانپوءِ سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي تعريف ٿي آهي، اهو ٽولو نه ٿو چاهي ته ملڪ ۾ استحڪام اچي ۽ ملڪ ترقي ڪري، اسان انهن جو مقابلو ۽ انهن کي بي نقاب ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد ۾ قومي اسيمبلي ميمبر منزه حسن سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. عون چوڌري چيو ته پي ٽي آءِ ملڪ دشمن بيانيو اختيار ڪيو آهي، ٻاهر ويهي انهن جا حمايتي ڪوڙ ۽ ملڪ دشمن بيانيي ذريعي عوام کي گمراهه ۽ ملڪ کي عدم استحڪام جو شڪار ڪرڻ جي سازش ڪري رهيا آهن، حق جي ويڙهه کناپوءِ سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي عزت ۽ احترام ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ پاڪستان جي وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جي تعريف ٿي رهي آهي. اڄ ملڪ ۾ معاشي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي ۽ ملڪ ترقي جي راهه تي گامزن آهي، جيڪو پي ٽي آءِ کي هضم نه ٿي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته اهو گروهه نه ٿو چاهي ته ملڪ ترقي ڪري ۽ هتي امن ۽ سڪون هجي، عوام کي سوچڻ گهرجي ۽ انهن کي سڃاڻڻ گهرجي. هن چيو ته اسان انهن جي سازشن جو مقابلو ڪنداسين ۽ انهن کي سڄي دنيا آڏو بي نقاب ڪنداسين.

مزید خبریں