بين الصوبائي رابطن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار سينيٽر رانا ثناءُ الله سان پاڪستان ۾ مقرر قازقستان جي سفير جي ملاقات

اسلام آباد-10 ڊسمبر (اي پي پي) بين الصوبائي رابطن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار سينيٽر رانا ثناءُ الله سان پاڪستان ۾ مقرر قازقستان جي سفير يرزان ڪستافين بين الصوبائي رابطن ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بين الصوبائي رابطن بابت وفاقي سيڪريٽري محي الدين احمدواني سميت وزارت جي ٻين اعليٰ عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ قازقستان وچ ۾ گڏيل دلچسپي ۽ ٻه طرفن معاملن، واپار، راندين، سياحت، علائقائي رابطن …

اسلام آباد-10 ڊسمبر (اي پي پي) بين الصوبائي رابطن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار سينيٽر رانا ثناءُ الله سان پاڪستان ۾ مقرر قازقستان جي سفير يرزان ڪستافين بين الصوبائي رابطن ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بين الصوبائي رابطن بابت وفاقي سيڪريٽري محي الدين احمدواني سميت وزارت جي ٻين اعليٰ عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ قازقستان وچ ۾ گڏيل دلچسپي ۽ ٻه طرفن معاملن، واپار، راندين، سياحت، علائقائي رابطن ۽ ثقافت تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قازقستان جي سفير ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار جي موجوده صورتحال تي روشني وجهندي ٻُڌايو ته پاڪستان قازقستان کي زرعي شين جهڙوڪ نارنگي، انب، بصر، سرجيڪل اوزار ۽ ٻين شين جو روانگي واپار ڪري ٿو. هن چيو ته اهو واپاري سهڪار ٻنهي ملڪن لاءِ انتهائي اهميت رکي ٿو. ان موقعي تي سينيٽر راڻا ثناءُ الله چيو ته پاڪستان جو انب ۽ نارنگي ذائقي ۽ معيار جي اعتبار کان سڄي دنيا ۾ منفرد مقام رکي ٿو ۽ ان جي عالمي سطح تي ڪو مثال نٿو ملي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي زرعي روانگي واپار ۾ وڌيڪ واڌ ڪرڻ جو خواهشمند آهي. قازقستان جي سفير ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار ۽ چُرپر کي ڏُکيائون درپيش آهن ڇاڪاڻ ته پاڪ- افغان سرحد جي بندش سان علائقائي رابطا متاثر ٿيا آهن. ان تي ردِعمل ڏيندي سينيٽر راڻا ثناءُ الله چيو ته پاڪستان افغان مسئلي جي حل لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي پر افغان رجيم سهڪار تي راضي ناهي. هن واضح ڪيو ته پاڪستان افغانستان لاءِ بيشمار قربانيون ڏنيون ۽ لکين پناهگيرن جي ميزباني ڪئي پر افسوس ته افغانستان جي ڌرتي پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪندڙ ڌُرين جي مدد لاءِ استعمال ٿي رهي آهي. هن چِٽو مؤقف اختيار ڪندي چيو ته پاڪستان پنهنجي ڌرتي تي ڪنهن به قسم جي دهشتگردي جي اجازت نه ڏيندو. سفير وڌيڪ چيو ته پاڪستان اسان لاءِ هڪ اهم اسٽريٽجڪ حصيدار آهي ۽ قازقستان پاڪستان سان راندين سميت تعليم، زراعت، دوائن، ثقافت ۽ ٻين معاملن ۾ سهڪار وڌائڻ چاهي ٿو.

مزید خبریں