اسلام آباد-10 ڊسمبر (اي پي پي) ڪشمير معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته هريپور چونڊن ۾ مسلم ليگ (ن) جي ڪاميابي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته صوبي جا ماڻهو اُتان جي حڪومت کان مايوس ٿي چڪا آهن، تمام گهڻا ماڻهو ٻين پارٽين مان نڪري (ن) ليگ ۾ شامل ٿي رهيا آهن، پشاور جلسي ۾ عوام شرڪت نه ڪري شرارتي ايجنڊا رد ڪري ڇڏي. ڪشمير ڪائونسل …
هريپور چونڊن ۾ مسلم ليگ (ن) جي ڪاميابي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته صوبي جا ماڻهو اُتان جي حڪومت کان مايوس ٿي چڪا آهن: انجنيئر امير مقام

مزید خبریں
اسلام آباد-10 ڊسمبر (اي پي پي) ڪشمير معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته هريپور چونڊن ۾ مسلم ليگ (ن) جي ڪاميابي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته صوبي جا ماڻهو اُتان جي حڪومت کان مايوس ٿي چڪا آهن، تمام گهڻا ماڻهو ٻين پارٽين مان نڪري (ن) ليگ ۾ شامل ٿي رهيا آهن، پشاور جلسي ۾ عوام شرڪت نه ڪري شرارتي ايجنڊا رد ڪري ڇڏي. ڪشمير ڪائونسل ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي امير مقام پارٽيءَ ۾ نَون شامل ٿيندڙن جي آجيان ڪندي چيو ته (ن) ليگ ۾ نَون شامل ٿيندڙ ساٿين کي ڀليڪار چئون ٿا. امير مقام چيو ته ڪوهاٽ مان اڳوڻو صوبائي وزير سيد قلب حسن ۽ خوشدل خان شامل ٿيو. نَون ماڻهن کي شامل ڪرڻ ۾ سندس جو اهم ڪردار آهي. هن چيو ته پنهنجي پارٽي ۽ ليڊرشپ طرفان نَون ساٿين کي مبارڪون پيش ڪريان ٿو، اسان جي سياست عوامي آهي، صوبي جي بهتري لاءِ ٽيم ورڪ ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته ڪي پي ڪي ۾ هريپور جي چونڊ ۾ عوام پيغام ڏنو ته شرارتي ايجنڊا سان گڏ وڌيڪ نٿا هلي سگهون. هن چيو ته پي ٽي آءِ جو خيال هو ته پشاور جي جلسي ۾ عوام جو سمنڊ هوندو، جلسو مڪمل طور تي فلاپ ٿي ويو، ماڻهن ان ايجنڊا کي رد ڪري ڇڏيو، پاڪستاني فوج ۽ پوليس جي جوانن جون شهادتون ٿي رهيون آهن پر انهن ماڻهن کي احساس ئي ناهي، پي ٽي آءِ، ٽي ٽي پي جي ترجمان بڻجي چڪي آهي. سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ دهشتگردن جي سهولتڪار بڻجي چڪي آهي، ڇا پنهنجي ملڪ جي معاملن کي دشمن ملڪ جي چينل جو حصو بڻائڻ گهرجي، ملاقات لاءِ هڪ طريقيڪار آهي، شاهراهن تي ناٽڪ ڪرڻ ڪنهن جي ايجنڊا آهي، ڀارتي چينل والاريل ڪشمير طرف ڪئميرا ڪري ته خبر پئجي ويندي، انهن حالتن ۾ رياست اندر رياست جي ڪا گنجائش ناهي. امير مقام چيو ته افغانستان ۾ ماڻهن اعلان ڪيو ته پي ٽي آءِ جي جلسي ۾ وڃڻو آهي. هن چيو ته فوج کي بدنام ڪرڻ لاءِ انهن ماڻهن تمام گهڻي محنت ڪئي، 9 مئي تي ڪور ڪمانڊر جو گهر ساڙيو ويو، 10 مئي تي پاڪستاني فوج ثابت ڪيو ته اسان اوهان جا محافظ آهيون، اسان جي فوج نه هجي ته ڀارت اسان کي ٻن ڏينهن ۾ ئي فارغ ڪري ڇڏي. هن چيو ته پنهنجي ليڊر لاءِ ڳالهيون ڪرڻ ان جو آئيني ۽ قانوني حق آهي، اوهان برداشت ڪريو ملڪ کي تباهه نه ڪريو، اهو ڪنهن صورت قبولڻ جوڳو ناهي، ڪو آپشن نه هوندو ته آئيني رستو تلاش ڪنداسين. امير مقام چيو ته ڪي پي ڪي جنگ جي حالت ۾ آهي اسان ان تي سمجهوتو نه ڪنداسين. ڀارت ۽ افغانستان جي ترجماني ڪرڻ بدران پاڪستان جي ترجمانر ڪريو، ڪي پي ڪي جا وسيلا سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيا پيا وڃن. امير مقام چيو ته پي ٽي آءِ وارا چون ٿا ته مينڊيٽ اسان سان گڏ آهي، مينڊيٽ عوام جي بهتريءَ لاءِ آهي، اڊيالا ٻاهران ويهڻ لاءِ نه، اسان جي خواهش آهي ته چونڊن ذريعي پي ٽي آءِ کي شڪست ڏني وڃي.











