اسلام آباد-10 ڊسمبر (اي پي پي) ايف آءِ اي، اين سي بي انٽرپول، قتل جي ڪيس ۾ گهربل اشتهاري جوابدار کي سعودي عرب مان گرفتار ڪري ورتو. جوابدار تيمور حسن کي سعودي عرب مان گرفتار ڪري اسلام آباد ايئرپورٽ منتقل ڪيو ويو. گرفتار جوابدار گذريل 4 سال کان پنجاب پوليس کي گهربل هو. جوابدار خلاف قتل جي شقن تحت ٿاڻي صدر، منڊي بهائوالدين ۾ ڪيس داخل هو. ايف آءِ اي، …
سنگين ڏوهن جي ڪيسن ۾ گهربل اشتهاري جوابدار کي ايف آءِ اي سعودي عرب مان گرفتار ڪري ورتو

مزید خبریں
اسلام آباد-10 ڊسمبر (اي پي پي) ايف آءِ اي، اين سي بي انٽرپول، قتل جي ڪيس ۾ گهربل اشتهاري جوابدار کي سعودي عرب مان گرفتار ڪري ورتو. جوابدار تيمور حسن کي سعودي عرب مان گرفتار ڪري اسلام آباد ايئرپورٽ منتقل ڪيو ويو. گرفتار جوابدار گذريل 4 سال کان پنجاب پوليس کي گهربل هو. جوابدار خلاف قتل جي شقن تحت ٿاڻي صدر، منڊي بهائوالدين ۾ ڪيس داخل هو. ايف آءِ اي، اين سي بي انٽرپول، جوابدار جي گرفتاري لاءِ ريڊ نوٽيس جاري ڪيو هو. جوابدار کي بعد ۾ ايف آءِ اي اميگريشن اسلام آباد، پنجاب پوليس اختيارين جي حوالي ڪري ڇڏيو. جوابدار جي حوالگي انٽرپول اسلام آباد جي انٽرپول رياض سان ويجهن رابطن سبب ممڪن ٿي.











