وفاقي آئيني عدالت: نيپرا جي ٽيرف مقرر ڪرڻ خلاف اپيلن تي بجلي پيداوار ڪمپنين کان جواب طلب

اسلام آباد-10 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت نيپرا جي ٽيرف مقرر ڪرڻ خلاف داخل اپيلن تي بجلي پيداوار ڪمپنين کان جواب طلب ڪري ورتو، جڏهن ته نيپرا کي لاڳاپيل دستاويز ۽ ڪيس جي اهم لکت وارا نُڪتا جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت پڻ ڏني وئي. وفاقي آئيني عدالت ۾ نيپرا جي ٽيرف مقرر خلاف داخل اپيلن تي ٻُڌڻي جسٽس حسن اظهر رضوي جي سربراهيءَ ۾ 2 رڪني بينچ ڪئي. …

اسلام آباد-10 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت نيپرا جي ٽيرف مقرر ڪرڻ خلاف داخل اپيلن تي بجلي پيداوار ڪمپنين کان جواب طلب ڪري ورتو، جڏهن ته نيپرا کي لاڳاپيل دستاويز ۽ ڪيس جي اهم لکت وارا نُڪتا جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت پڻ ڏني وئي. وفاقي آئيني عدالت ۾ نيپرا جي ٽيرف مقرر خلاف داخل اپيلن تي ٻُڌڻي جسٽس حسن اظهر رضوي جي سربراهيءَ ۾ 2 رڪني بينچ ڪئي. ٻُڌڻيءَ دوران بجلي پيداوار ڪمپنين جي وڪيل سلمان اسلم بٽ مؤقف اختيار ڪيو ته نيپرا طرفان ٽيرف ان وقت مقرر ڪيو ويو جڏهن چيئرمين جو عهدو خالي هو. سندس موجب چيئرمين جي غيرموجودگي ۾ اٿارٽي جو اجلاس ئي نٿو ٿي سگهي ان لاءِ ٽيرف مقرر ڪرڻ جو عمل غير قانوني آهي. جسٽس حسن اظهر رضوي ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن چيئرمين موجود نه هوندو ته اٿارٽي ڪيئن ڪم ڪندي؟ ڪمپنين جي وڪيل وڌيڪ چيو ته چيئرمين جي غير موجودگيءَ ۾ وائس چيئرمين به اجلاس نٿو هلائي سگهي. عدالت پُڇاڻو ڪيو ته نيپرا اٿارٽي ٽيرف مقرر ڪرڻ جي ٻُڌڻي ڪڏهن مڪمل ڪئي؟ وڪيل سلمان اسلم بٽ ٻُڌايو ته ٻُڌڻي مارچ 2013ع ۾ مڪمل ٿي جڏهن ته چيئرمين جي مقرري مئي 2013ع ۾ عمل ۾ آئي. هن اها به نشاندهي ڪئي ته ٽيرف مقرر ڪرڻ واري آرڊر تي چيئرمين جي صحيح به موجود ناهي. نيپرا جي وڪيل دستاويز جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت گُهري جنهن تي عدالت کيس لاڳاپيل رڪارڊ ۽ لکت وارا نُڪتا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

مزید خبریں