سنڌ سرڪار جديد، ماحول دوست ۽ پائيدار ٽرانسپورٽ سسٽم کي هٿي ڏيڻ لاءِ سنجيده قدم کڻي رهي آهي: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي-10 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ عورتن لاءِ اي وي اسڪوٽرن جي ورڇ جو ٻيو مرحلو فوري طور تي شروع ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. اهڙو حڪم هن سندس آفيس ۾ ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ کاتي جي هڪ اهم اجلاس جي صدارت دوران جاري ڪيو. اجلاس ۾ صوبي ۾ جاري ۽ ايندڙ ٽرانسپورٽ ۽ موبليٽي منصوبن تي …

ڪراچي-10 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ عورتن لاءِ اي وي اسڪوٽرن جي ورڇ جو ٻيو مرحلو فوري طور تي شروع ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. اهڙو حڪم هن سندس آفيس ۾ ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ کاتي جي هڪ اهم اجلاس جي صدارت دوران جاري ڪيو. اجلاس ۾ صوبي ۾ جاري ۽ ايندڙ ٽرانسپورٽ ۽ موبليٽي منصوبن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پنڪ اسڪوٽر اسڪيم تحت وڏي انگ ۾ عورتن کي جديد ۽ ماحول دوست سفري سهولتون فراهم ڪيون وينديون. پنڪ اسڪوٽرن جي سهولت عورتن جي اچڻ ۽ وڃڻ ۾ آساني ۽ آزادي کي هٿي ڏيندي. هن چيو ته نيون اليڪٽرڪ بسون ڪراچي پهچي ويون آهن، جيڪي جلد ئي شهر جي مختلف روٽس تي هلايون وينديون، خيرپور، شڪارپور ۽ حيدرآباد جي چئن نون روٽس تي سروي مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ جلد ئي انهن روٽس تي بسون هلايون وينديون. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هن مهيني سمورا نوان روٽ شروع ڪيا ويندا ته جيئن انهن ضلعن جا شهري به جديد سفري سهولتن مان فائدو حاصل ڪري سگهن، شهر جي اهم شاهراهن تي وڌيڪ ڊبل ڊيڪر بسون شامل ڪيون وڃن ته جيئن ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽجي سگهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت جديد، ماحول دوست ۽ پائيدار ٽرانسپورٽ سسٽم کي فروغ ڏيڻ لاءِ سنجيده قدم کڻي رهي آهي، اي وي بسون، اي وي اسڪوٽر، ڊبل ڊيڪر بسون ۽ اي وي ٽيڪسي سروس ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ هڪ نئين دور ۾ داخل ٿينديون. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ اختيارين کي هدايت ڪئي ته سمورا منصوبا سڌو سنئون عوامي سهولت سان لاڳاپيل آهن، انهن کي مقرر وقت اندر مڪمل ڪيو وڃي. اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪنول نظام ڀٽو ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں