حيدرآباد-10 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هدايتن تي، حيدرآباد ۽ سڄي صوبي ۾ عوامي مسئلن کي انهن جي دروازي جي چائنٺ تي حل ڪرڻ ۽ شعبن جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ صحت ۽ آبادي جي ڀلائي واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو سرڪٽ هائوس حيدرآباد ۾ هڪ کليل ڪچهري منعقد …
صحت واري صوبائي وزير پاران حيدرآباد ۾ کليل ڪچهري منعقد، عوامي مسئلا حل ڪيا ويا

مزید خبریں
حيدرآباد-10 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هدايتن تي، حيدرآباد ۽ سڄي صوبي ۾ عوامي مسئلن کي انهن جي دروازي جي چائنٺ تي حل ڪرڻ ۽ شعبن جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ صحت ۽ آبادي جي ڀلائي واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو سرڪٽ هائوس حيدرآباد ۾ هڪ کليل ڪچهري منعقد ڪئي. جنهن ۾ حيدرآباد جي ميئر ڪاشف علي شورو، ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ، ايس ايس پي عديل چانڊيو، ڊي جي هيلٿ سنڌ، ضلعي هيلٿ آفيسر پير غلام حسين، ايم ايس سول اسپتال حيدرآباد ڊاڪٽر ارشاد ڪاظمي، صحت، تعليم، ايڪسائيز، حيسڪو، پبلڪ هيلٿ، لوڪل گورنمينٽ، هاءِ ويز، بلڊنگز، آبپاشي، واسا، سوئي گئس، انفارميشن سميت مختلف ٻين کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. کليل ڪچهري ۾ حيدرآباد ضلعي جي ماڻهن وڏي انگ ۾ ۾ شرڪت ڪئي ۽ صوبائي وزير کي پنهنجين شڪايتن کان آگاهه ڪيو. صوبائي وزير کليل ڪچهري ۾ مختلف شڪايتون ٻڌندي چيو ته سنڌ حڪومت عوامي مسئلن کي انهن جي دروازي جي چائنٺ تي حل ڪرڻ لاءِ سنجيده قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته هر ڊويزنل هيڊ ڪوارٽر ۾ ايس آءِ يو ٽي قائم ڪرڻ جو منصوبو آهي ۽ حيدرآباد ۾ ان جو قيام به جلد ممڪن بڻايو ويندو. هن چيو ته شهر ۾ موجوده طبي سهولتن کي اپ گريڊ ڪرڻ، سول اسپتال جي برنز وارڊ کي بهتر بڻائڻ ۽ عملي کي تربيت ڏيڻ لاءِ ڪم جاري آهي، جڏهن ته تعلقي اسپتالن ۾ سهولتن کي بهتر بڻائي سول اسپتال جو بار گهٽايو ويندو. صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت نياز اسٽيڊيم، پارڪن ۽ راندين جي ميدانن جي قيام تي به ڌيان ڏئي رهي آهي ته جيئن نوجوانن کي راندين جون بهتر سرگرميون فراهم ڪري سگهجن. ننڍين آبادين بابت شڪايت تي هن چيو ته لاڳاپيل اختيارين سان ڳالهائي مسئلا حل ڪيا ويندا، ڇاڪاڻ ته ”اٽو، لٽو ۽ اجهو“ پاڪستان پيپلز پارٽي جي منشور جو بنيادي حصو آهي. سوئي گئس ۽ حيسڪو بابت شڪايتن تي صوبائي وزير شهرين کي چيو ته اهي پنهنجون لکت ۾ شڪايتون حيدرآباد جي ميئر آفيس ۾ جمع ڪرائين ته جيئن انهن کي وفاقي کاتن ڏانهن موڪليو وڃي. هن چيو ته رنگ روڊ منصوبي جو 50 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ باقي ڪم به جلد مڪمل ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته ڪوهسار کي پاڻي پهچائڻ لاءِ 32 انچ قطر جي نئين پائپ لائين وڇائي پئي وڃي، جيڪا پاڻي جي کوٽ کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ڪندي. آٽو ڀان روڊ تي شراب جي دڪان کولڻ جي معاملي تي صوبائي وزير چيو ته هي معاملو سنڌ اسيمبلي ۾ اٿاريو ويو آهي ۽ ايڪسائيز کاتو جلد ان تي ڪارروائي ڪندو. ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو چيو ته حيسڪو سان لاڳاپيل شڪايتن کي حل ڪرڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ هڪ خاص ڪميٽي ٺاهي وئي آهي. کليل ڪچهري ۾ شهرين جون گهڻيون شڪايتون حيسڪو ۽ سوئي گئس جي عدم دستيابي سان لاڳاپيل هيون، جڏهن ته ان کان علاوه ٻيا مسئلا به اٿاريا ويا، جن ۾ طبي سهولتن جي کوٽ، اسڪولن ۾ فرنيچر جي کوٽ، حددخليون، صفائي ۽ نيڪال، ٽٽل پاڻي جون لائينون، نون پارڪن جي تعمير، روڊن ۽ فلٽر پلانٽس جي مرمت شامل آهن. ان موقعي تي صوبائي وزير لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن کي ڪجهه شڪايتن جي فوري حل ۽ ڪجهه شڪايتن جي حل لاءِ هدايتون جاري ڪيون ۽ رپورٽ طلب ڪئي.











