حيدرآباد جي ڪمشنر پاران حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان، ٺٽو ۽ ٽنڊو الهيار ۾ ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف اي چالان سسٽم شروع ڪرڻ جو اعلان

حيدرآباد-10 ڊسمبر (اي پي پي) ڪراچي کان پوءِ حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان، ٺٽو ۽ ٽنڊو الهيار ۾ ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف اي چالان سسٽم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ڪمشنر حيدرآباد فياض حسين عباسي، ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو، ايس ايس پي حيدرآباد عديل حسين چانڊيو ۽ لاڳاپيل ضلعن جي ايس ايس پيز سان گڏ آٽو ڀان روڊ تي واقع پوليس …

حيدرآباد-10 ڊسمبر (اي پي پي) ڪراچي کان پوءِ حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان، ٺٽو ۽ ٽنڊو الهيار ۾ ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف اي چالان سسٽم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ڪمشنر حيدرآباد فياض حسين عباسي، ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو، ايس ايس پي حيدرآباد عديل حسين چانڊيو ۽ لاڳاپيل ضلعن جي ايس ايس پيز سان گڏ آٽو ڀان روڊ تي واقع پوليس فيسيليشن سينٽر ۾ هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اعلان ڪيو آهي ته حيدرآباد ۾ اي چالان جي شروعات حيدرآباد ميرپوخاص روڊ کان شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڪجهه ڏينهن اندر مرحليوار آٽو ڀان روڊ، شهباز چوڪ ۽ قاسم چوڪ کان ڄامشورو روڊ تي اي چالان شروع ڪيا ويندا. هنن چيو ته پهريون چالان معاف هوندو، ان کان پوءِ ڪنهن سان به رعايت نه ڪئي ويندي. هنن چيو ته مقرر رفتار کان تيز رفتاري سان هلڻ تي موٽر سائيڪل واري جو 5 هزار روپين جو چالان ٿيندو ۽ ڪار واري جو 10 هزار روپين جو، ان کان وڏين گاڏين جو 15 کان 20 هزار روپين جو چالان ٿيندو. اهڙي ريت ون وي ٽوڙڻ تي موٽر سائيڪل سوار جو 25 هزار روپين جو چالان ٿيندو ۽ ڪار واري جو 30 هزار جو چالان هوندو. هيلمٽ کان بنا موٽر سائيڪل هلائڻ تي 5 هزار روپين جو چالان ٿيندو، سگنل جي خلاف ورزي ڪرڻ تي موٽر سائيل 5 هزار ۽ ڪار جو 10 هزارن جو چالان ٿيندو. رات جي وقت بنا لائيٽ جي موٽر سائيڪل ۽ ڪار هلائڻ تي 5 کان 10 هزارن جو چالان ٿيندو. بنا رجسٽريشن واري موٽر سائيڪل هلائڻ تي 10 هزار ۽ ڪار جو 50 هزار روپين جو چالان ٿيندو. اهڙي ريت نو پارڪنگ واري هنڌ تي گاڏي بيهارڻ، بنا سيٽ بيلٽ جي گاڏي هلائڻ ۽ بنا لائسنس جي گاڏي هلائڻ تي به ڳرا چالان ٿيندا. هنن چيو ته جلد ئي شهر ۾ اسپيڊ لمٽ ۽ ڪيمرائن بابت بورڊ لڳايا ويندا. هنن چيو ته غلط چالان ٿي وڃڻ جي صورت ۾ پوليس فيسيليشن سينٽر تي شڪايتون درج ڪرائي سگهبيون. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي جي نگراني ۾ ڪميٽي جوڙي وئي آهي جيڪڏهن چالان غلط ثابت ٿيو ته ان کي معاف ڪيو ويندو. هنن چيو ته ميڊيا ذريعي عوام کي آگاهي ڏئي رهيا آهيون ته مارچ کان اپريل تائين سڄي حيدرآباد شهر ۾ اي چالان جو سسٽم لاڳو ٿي ويندو، ان ڪري شهري احتياط کان ڪم وٺن ۽ ٽريفڪ قانون جي خلاف ورزي ڪرڻ کان بچن. هنن چيو ته اهي سمورا قدم حادثن کي روڪڻ ۽ قيمتي انساني جانيون بچائڻ لاءِ کنيا پيا وڃن. هنن چيو ته جلد ئي شهر جي مختلف علائقن ۾ نوان ٽريفڪ سگنل لڳايا ويندا.

مزید خبریں