حيدرآباد-10 ڊسمبر (اي پي پي) حيدرآباد ۾ لطيف آباد بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ رهندڙ رٽائرڊ ڊي ايس پي راحت زيدي جو پنهنجي ئي گهر مان پراسرار طور تي ڪنڌ ۾ گولي لڳل لاش هٿ آيو آهي. واقعي جو اطلاع ملڻ تي ايس ايس پي حيدرآباد عديل حسين چانڊيو فوتي ڊي ايس پي جي گهر پهچي واقعي جا تفصيل معلوم ڪيا. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي حيدرآباد جو …
حيدرآباد ۾ لطيف آباد بي سيڪشن ٿاڻي جي حد مان رٽائرڊ ڊي ايس پي راحت زيدي جو گهر مان گولي لڳل لاش هٿ، واقعو اتفاقي قرار

مزید خبریں
حيدرآباد-10 ڊسمبر (اي پي پي) حيدرآباد ۾ لطيف آباد بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ رهندڙ رٽائرڊ ڊي ايس پي راحت زيدي جو پنهنجي ئي گهر مان پراسرار طور تي ڪنڌ ۾ گولي لڳل لاش هٿ آيو آهي. واقعي جو اطلاع ملڻ تي ايس ايس پي حيدرآباد عديل حسين چانڊيو فوتي ڊي ايس پي جي گهر پهچي واقعي جا تفصيل معلوم ڪيا. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي حيدرآباد جو چوڻ آهي ته راحت زيدي کي بينڪ وڃڻو هو، ان موقعي تي هن پنهنجو پستول پنهنجي نوجوان پٽ 17 ورهين جي دانيال زيدي کي چيڪ ڪرڻ لاءِ ڏنو، ان دوران اتفاقي گولي هلي وئي جنهن جي ڪري هو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو. هن چيو ته اهو اتفاقي واقعو آهي.











