عدليه قانون جي بالادستيءَ کي مضبوط بنائڻ ۽ هر شهريءَ لاءِ انصاف جي وقت سر ۽ اثرائتي فراهميءَ تي ڌيان ڏئي رهي آهي: چيف جسٽس آف پاڪستان

اسلام آباد-10 ڊسمبر (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته انساني حقن جو تحفظ هڪ قومي ذميداري آهي جيڪو اسان جي آئيني ويزن ۾ جڙيل، اسان جي ثقافتي قدرن سان مضبوط ۽ پاڪستان کي پُرامن، جمهوري ۽ خوشحال بنائڻ لاءِ بنيادي اهميت رکي ٿو، عدليه قانون جي بالادستيءَ کي مضبوط بنائڻ ۽ هر شهريءَ لاءِ انصاف جي وقت سر ۽ اثرائتي فراهميءَ تي ڌيان …

اسلام آباد-10 ڊسمبر (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته انساني حقن جو تحفظ هڪ قومي ذميداري آهي جيڪو اسان جي آئيني ويزن ۾ جڙيل، اسان جي ثقافتي قدرن سان مضبوط ۽ پاڪستان کي پُرامن، جمهوري ۽ خوشحال بنائڻ لاءِ بنيادي اهميت رکي ٿو، عدليه قانون جي بالادستيءَ کي مضبوط بنائڻ ۽ هر شهريءَ لاءِ انصاف جي وقت سر ۽ اثرائتي فراهميءَ تي ڌيان ڏئي رهي آهي. انساني حقن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته سڄي دنيا ۾ انٽرنيشنل هيومن رائٽس ڊي جي موقعي تي اسان هڪ ڀيرو ٻيهر انسان جي حرمت، آزادي ۽ مساوات جي تحفظ جي پنهنجي آئيني ۽ اخلاقي عزم جي تجديد ڪريون ٿا. سپريم ڪورٽ مان جاري پڌرائيءَ موجب چيف جسٽس چيو ته هي ڏينهن انساني حقن جي عالمي پڌرائي (UDHR) جي ياد ڏياري ٿو جيڪو هڪ اهڙي انقلابي عالمي عهد جي علامت آهي جنهن دنيا جا ڪيترائي آئيني، عوامي ادارن ۽ ترقياتي حڪمتِ عملين خاص ڪري پائيدار ترقيءَ بابت ايجنڊا 2030ع جو بنياد رکيو. چيف جسٽس چيو ته تيزيءَ سان بدلجندڙ سماجي، معاشي ۽ فني دنيا ۾ پاڪستان جي عدليه قانون جي بالادستي جي استحڪام ۽ هر شهريءَ کي وقت سر انصاف جي فراهميءَ تي پوري توجهه ڏني آهي. عدالتي سڌارن جو مقصد عدالتي نظام کي جديد رُخن تي آڻڻ، شفافيت کي هٿي ڏيڻ ۽ خاص ڪري ڪمزور ۽ پُٺتي پيل طبقن کي درپيش رڪاوٽن کي گهٽ ڪرڻ آهي ته جيئن هو پنهنجي حقن جو بهتر طور تي تحفظ ڪري سگهن. هن چيو ته عدالتن جي طريقيڪار ۾ بهتري، ٽيڪنالاجي جي اثرائتي استعمال، ججن جي تربيت ۾ واڌ ۽ اداري جاتي رابطن کي مضبوط بنائڻ جهڙا قدم ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته عدليه هڪ شهري انصاف وارو نظام ٺاهڻ لاءِ پُرعزم آهي، اهڙو نظام جيڪو هر فرد جي احترام کي مٿانهون رکي، وقت سر انصاف فراهم ڪري ۽ انصاف جي گهرجن کي بنا ڪنهن خوف يا دٻاءُ جي پورو ڪري. چيف جستس پنهنجي پيغام ۾ وڌيڪ چيو ته انساني حقن جو تحفظ صرف عدالتن جي ذميداري ناهي پر پوري معاشري جي گڏيل ذميداري آهي، جيڪو آئين جي ويزن، اسان جي تهذيبي قدرن ۽ هڪ روشن، پُرامن ۽ ترقي يافته پاڪستان جي مستقبل سان جڙيل هجي.

مزید خبریں