اسلام آباد-10 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته سرحدن جي محافظن لاءِ مخالفن واري زبان استعمال ڪئي وئي، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ مان ڪيترائي ڀيرا چئي چڪا آهيون ته ڳالهين لاءِ دروازا کُليل آهن. ڪالهه پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته مون ۽ وزيراعظم ڪيترائي ڀيرا مخالفن کي چيو ته ڳالهين لاءِ دروازا کُليل آهن …
سرحدن جي محافظن لاءِ مخالفن واري زبان استعمال ڪئي وئي: قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر

مزید خبریں
اسلام آباد-10 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته سرحدن جي محافظن لاءِ مخالفن واري زبان استعمال ڪئي وئي، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ مان ڪيترائي ڀيرا چئي چڪا آهيون ته ڳالهين لاءِ دروازا کُليل آهن. ڪالهه پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته مون ۽ وزيراعظم ڪيترائي ڀيرا مخالفن کي چيو ته ڳالهين لاءِ دروازا کُليل آهن جنهن جي جواب ۾ چيو ويو ته اسان آرمي چيف فيلڊ مارشل سان ڳالهيون ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته جنهن فوج ڀارت کان جنگ کٽي، انهن خلاف زبان استعمال ڪئي وئي، پارليامينٽ جي فلور کي عدليه مخالف زبان لاءِ استعمال ڪيو ويو، سرحدن جي محافظن لاءِ مخالفن وارن زبان استعمال ڪئي وئي، ڪيئي ڀيرا چئي چڪو آهيان ته پارليامينٽ جي فلور کي فوج ۽ عدليه مخالف بيان لاءِ استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندس. هن چيو ته عدليه ۽ فوج خلاف ٽوئيٽ ڪيا ويا، مخالف ڌُر حالتن کي ان مقام تي وٺي وئي جتان واپسيءَ ناممڪن آهي، مون ڳالهين لاءِ چار قدم وڌايا، پر هاڻ 40 قدم پويان ٿي ويو آهيان، پاڪستان آهي ته اسان سڀ آهيون، سياست به آهي ۽ سڀ ڪجهه آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪڏهن مخالف ڌر ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿي ته سٺي ڳالهه آهي.











