پي ٽي آءِ باني سان ڳالهين جا سمورا دروازا بند ٿي چڪا: اختيار ولي خان جي پريس ڪانفرنس

اسلام آباد-10 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي ڪي پي ڪي جي سڌ سماءَ بابت ڪوآرڊينيٽر اختيار ولي خان چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني سان ڳالهين جا سمورا دروازا بند ٿي چڪا آهن، ملڪ ۾ عشق پاڪستان ۽ عشق عمران ۾ واضح لڪير ڪڍي وئي آهي، پي ٽي آءِ ان فوج تي حمله آور ٿي، جنهن پوري دنيا ۾ پاڪستان جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪيو، پي ٽي …

اسلام آباد-10 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي ڪي پي ڪي جي سڌ سماءَ بابت ڪوآرڊينيٽر اختيار ولي خان چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني سان ڳالهين جا سمورا دروازا بند ٿي چڪا آهن، ملڪ ۾ عشق پاڪستان ۽ عشق عمران ۾ واضح لڪير ڪڍي وئي آهي، پي ٽي آءِ ان فوج تي حمله آور ٿي، جنهن پوري دنيا ۾ پاڪستان جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪيو، پي ٽي آءِ باني جيڪو ٽوئيٽ ڪيو نه ئي پي ٽي آءِ ڳڙڪائي سگهي ٿي ۽ نه ئي اوڳاڇي سگهي ٿي، پي ٽي آءِ پشاور جلسي ۾ سڄي ملڪ مان ماڻهو گهرائي ڪجهه ماڻهو گڏ به نه ڪري سگهي، پي ٽي آءِ جا ماڻهو مذهب کي سياست لاءِ استعمال ڪن ٿا. هو پي ٽي وي هيڊ ڪوارٽرز ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. هن واضح ڪيو ته پي ٽي آءِ پنهنجي سياست کي دهشتگرديءَ لاءِ استعمال ڪري رهي آهي، ٽي ٽي پي ۽ پي ٽي آءِ ۾ ڪو فرق ناهي ڇاڪاڻ ته هر ايندڙ ڏينهن پي ٽي آءِ فوج ۽ عدليه تي حمله آور ٿئي ٿي ۽ ان جي خواهش آهي ته پي ٽي آءِ کي اڄ به پاناما بينچ واري عدالت گهرجي. هن سوال اُٿاريو ته پي ٽي آءِ پنهنجي حڪومتي دؤر ۾ ڪهڙو پراجيڪٽ بڻايو؟ هن الزام لڳايو ته پي ٽي آءِ اسان جي نوجوان نسل کي پنهنجي نفرت جي سياست جي ور چاڙهيو جنهن جو مثال ڪي پي ڪي ۾ 13 سالن ۾ هڪ اسپتال، هڪ يونيورسٽي نه بڻائي سگهي. هن ٻُڌايو ته پي ٽي آءِ باني جي ٽوئيٽ کي سندس ئي پنهنجي قيادت ري ٽوئيٽ ناهي ڪري رهي آهي، پي ٽي آءِ هميشه ملڪ کي نقصان پهچايو، 9 مئي ۽ 26 نومبر جهڙا واقعا ڪيا. هن ماضيءَ طرف اشارو ڪندي چيو ته 2013ع ۾ کيس متعارف ڪرايو ويو ۽ 2018ع ۾ کين ملڪ تي مڙهيو ويو. اختيار ولي خان موجب ڪي پي ڪي ۾ بيٽ جو نشان وٺڻ لاءِ ڪو تيار ئي نه هو. گورنر راڄ جي حوالي سان هن چيو ته گورنر راڄ کي جمهوري قوتون پسند نٿيون ڪن ۽ جيڪڏهن اسان کي گورنر راڄ لڳائڻو هجي ها ته تڏهن لڳايون ها جڏهن اوهان 26 نومبر وارو واقعو ڪيو هو. هن الزام لڳايو ته پي ٽي آءِ لاشن جي سياست ڪري ٿي، پي ٽي آءِ کي رت گهرجي ۽ هميشه پي ٽي آءِ طرفان ڏڦيڙ ۽ تشدد جو رستو اختيار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته حڪومت ڪڏهن به تشدد جو رستو اختيار نه ڪيو. هن پرڏيهي مداخلت جو اشارو ڏيندي چيو ته پي ٽي آءِ جا سوشل ميڊيا اڪائونٽس ڀارت ۽ اسرائيل مان آپريٽ ڪيا پيا وڃن ۽ ڀارتي ميڊيا پي ٽي آءِ باني جي ڀيڻن جي ڪوڙن مؤقفن کي وڌائي چڙهائي پيش ڪري رهي آهي. هن چِٽي طور اعلان ڪيو ته پي ٽي آءِ باني سان ڳالهين لاءِ سمورا دروازا بند ٿي چڪا آهن ۽ ملڪ ۾ عشق پاڪستان ۽ عشق عمران ۾ واضح لڪير ڪڍي وئي آهي. هن واضح ڪيو ته اسان ڪنهن کي غدار يا ڪنهن پارٽيءَ تي پابندي لڳائڻ جي ڳالهه نٿا ڪريون ۽ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو ته منهنجي چونڊ پاڪستان آهي.

مزید خبریں