اسلام آباد - 10 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پاڪستان ۾ گڏيل عرب امارات جي سفير سالم محمد سالم البواب الزابي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي 54هين عيدالاتحاد ڏهاڙي تي مبارڪباد ڏيندي پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻي لاڳاپن ۽ اسريٽجڪ حصيداري جو ورجاءُ ڪيو جيڪي سمورن شعبن ۾ اڳتي وڌي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پاڪستان ۾ گڏيل عرب امارات جي سفير جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پاڪستان ۾ گڏيل عرب امارات جي سفير سالم محمد سالم البواب الزابي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي 54هين عيدالاتحاد ڏهاڙي تي مبارڪباد ڏيندي پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻي لاڳاپن ۽ اسريٽجڪ حصيداري جو ورجاءُ ڪيو جيڪي سمورن شعبن ۾ اڳتي وڌي رهيا آهن. هن سفير کي اسلام آباد ۾ مقرري دوران ڪامياب مدي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته ٻئي ملڪ گڏيل ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ پنهنجي پائيدار ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن.











