ڪشمير تڪرار تي قومي يڪجهتي جي ضرورت آهي: امير مقام

اسلام آباد -10 ڊسمبر (اي پي پي) گلگت بلتستان، ڪشمير  معاملن بابت وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي، ته ڪشمير تڪرار تي قومي يڪجهتي جي ضرورت آهي، حق جي ويڙهه کان پوءِ سڄي دنيا ۾ هاڻي ڏکڻ ايشيا ۾ امن لاءِ ڪشمير تڪرار جي حل جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن. ڀارتي چينل پاڪستان ۾ هڪ قيدي جي ڳالهه ڪرڻ بدران غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين …

اسلام آباد -10 ڊسمبر (اي پي پي) گلگت بلتستان، ڪشمير  معاملن بابت وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي، ته ڪشمير تڪرار تي قومي يڪجهتي جي ضرورت آهي، حق جي ويڙهه کان پوءِ سڄي دنيا ۾ هاڻي ڏکڻ ايشيا ۾ امن لاءِ ڪشمير تڪرار جي حل جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن. ڀارتي چينل پاڪستان ۾ هڪ قيدي جي ڳالهه ڪرڻ بدران غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي ڌيان ڏين. وزيراعظم محمد شهباز شريف هر فورم تي ڪشمير لاءِ آواز اٿاريو آهي. انساني حقن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي انسٽيٽيوٽ آف  انٽرنيشنل رليشنز جي انتظام هيٺ سيمينار کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڪشمير جي حوالي سان ٽيم ورڪ جي صورت ۾ ڪم ڪرڻ گهرجي، ان بابت سنجيدگي ڏيکارڻ گهرجي، هن چيو ته اڄ سڄي دنيا ۾ انساني حقن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، جڏهن ته والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ٿي رهيون آهن. هن چيو ته مان آزاد ڪشمير ۾ هئس ته خبر پئي ته انڊيا پاڪستان تي حملو ڪرڻ وارو آهي، اسان جي ابن ڏاڏن ڪشمير جي آزادي جي جدوجهد  ۾ حصو ورتو،  ڪشمير سان اسان جو دلي لڳاءُ آهي، ڪشميري 70 سالن  کان ظلم ۽ ڏاڍ برداشت ڪري رهيا آهن. جيلن ۾ بند ڪشميرين شهادت ماڻي، ڪشميرين جي پاڪستان سان محبت اڄ به قائم آهي. اسان کي ڄمي ڪشميرين جي جرئت ۽ بهادري جي حق ۾ آواز اٿارڻ گهرجي. هن چيو ته ڪشمير مسئلو پارٽين کان مٿانهون آهي، اسان کي دنيا کي ڏيکارڻ گهرجي ته ان ڪاز لاءِ اسان سڀ هڪ آهيون. هن چيو ته حريت ڪانفرنس جو ڪردار به تحسين جوڳو آهي، حريت اڳواڻن ڪشمير ڪاز لاءِ زندگيون وقف ڪيون آهن.

مزید خبریں