اسلام آباد-10 ڊسمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 1200 رپين جي واڌ سان في تولو سون 4 لک 43 هزار 62 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اربع ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 1200 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 43 هزار 62 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون 10 گرام جي قيمت به 1029 رپين جي واڌ کانپوءِ 3 لک 78 هزار 825 رپين مان وڌي 3 لک 79 هزار 854 رپيا ٿي ويو. جڏهن ته 10 …
سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 1200 رپين جي واڌ رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد-10 ڊسمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 1200 رپين جي واڌ سان في تولو سون 4 لک 43 هزار 62 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اربع ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 1200 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 43 هزار 62 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون 10 گرام جي قيمت به 1029 رپين جي واڌ کانپوءِ 3 لک 78 هزار 825 رپين مان وڌي 3 لک 79 هزار 854 رپيا ٿي ويو. جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 47 هزار 268 رپين مان وڌي 3 لک 48 هزار 212 رپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن ٻُڌايو ته في تولو چانديءَ جي قيمت 265 رپين جي واڌ کانپوءِ 6367 رپيا ۽ 10 گرام چانديءَ جي قيمت 227 رپين جي واڌ کانپوءِ 5458 رپيا ٿي ويو. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4195 ڊالر مان وڌي 4207 ڊالر ٿي وئي.











