اسلام آباد-10 ڊسمبر (اي پي پي) انڊونيشيا جو صدر پرابوو سوبيانتو پاڪستان جو دورو مُڪمل ڪري واپس روانو ٿي ويو اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداوار بابت خاص مددگار هارون اختر خان کيس الوداع ڪيو. صنعت ۽ پيداوار واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب پاڪستان جي پنهنجي دوري دوران، صدر پرابوو سوبيانتو صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ دفاعي فوج جي سربراهه …
انڊونيشيا جو صدر پرابوو سوبيانتو پاڪستان جو دورو مُڪمل ڪري واپس روانو

مزید خبریں
اسلام آباد-10 ڊسمبر (اي پي پي) انڊونيشيا جو صدر پرابوو سوبيانتو پاڪستان جو دورو مُڪمل ڪري واپس روانو ٿي ويو اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداوار بابت خاص مددگار هارون اختر خان کيس الوداع ڪيو. صنعت ۽ پيداوار واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب پاڪستان جي پنهنجي دوري دوران، صدر پرابوو سوبيانتو صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ دفاعي فوج جي سربراهه ۽ آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون، جنهن ۾ انهن ٻطرفي لاڳاپن، علائقائي صورتحال ۽ مستقبل جي تعاون جي مختلف رُخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اسلام آباد ۾ منعقد هڪ شاندار تقريب ۾ صدر آصف علي زرداري انڊونيشيا جي صدر پرابوو سوبيانتو کي پاڪستان جو اعليٰ ترين سول اعزاز "نشان پاڪستان” عطا ڪيو، جيڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پُراڻي ڀائيواري ۽ گڏيل اعتماد جو عڪاس آهي. دوري دوران پاڪستان ۽ انڊونيشيا واپار ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. ان سلسلي ۾ مختلف معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن (ايم او يوز) تي پڻ صحيحون ڪيون ويون، جيڪي مستقبل ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندا. پاڪستان جي حڪومت انڊونيشيا جي صدر جي پاڪستان جي ڪامياب دوري کي ٻطرفي تعاون ۾ هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو آهي.











