اسلام آباد-10 ڊسمبر(اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، سوار محمد حسين شهيد (نشان حيدر) کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته هن 1971ع جي جنگ ۾ دشمن جي اکين ۾ اکيون وجهي جنهن بي مثال دليري سان وطن جو دفاع ڪيو اهو تاريخ جو روشن باب آهي. گذريل ڏينهن سوار محمد حسين شهيد(نشان حيدر) جي ورسي جي موقعي تي ايڪس تي پنهنجي پيغام …
سوار محمد حسين شهيد (نشان حيدر) 1971ع جي جنگ ۾ جنهن دليري سان وطن جو دفاع ڪيو اهو تاريخ جو روشن باب آهي: وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد-10 ڊسمبر(اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، سوار محمد حسين شهيد (نشان حيدر) کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته هن 1971ع جي جنگ ۾ دشمن جي اکين ۾ اکيون وجهي جنهن بي مثال دليري سان وطن جو دفاع ڪيو اهو تاريخ جو روشن باب آهي. گذريل ڏينهن سوار محمد حسين شهيد(نشان حيدر) جي ورسي جي موقعي تي ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته اسان پاڪ فوج جي بهادر سپوت کي عقيدت جو سلام پيش ڪيون ٿا. خطرن جي پرواهه ڪرڻ بنا گولابارود پهچائڻ، زخمي ساٿين کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ ۽ دشمن جي ٺڪاڻن جي نشاندهي ڪرڻ سندس شجاعت جو زنده مثال آهي. هن وطن خاطر پنهنجي حياتي قربان ڪري ثابت ڪيو ته شهادت جو جذبو ايمان ۽ غيرت مان جنم وٺندو آهي. قوم هميشه پنهنجي هيرو کي بهادري ۽ خدمت کي سلام پيش ڪندي رهندي. وفاقي وزير چيو ته سوار محمد حسين شهيد(نشان حيدر) قوم جي دلين ۾ هميشه زنده رهندو.











