وزيراعظم پاران بنيادي انساني حقن جي تحفظ جي لاءِ قومي عزم جو ورجاءُ

اسلام آباد - 10 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بنيادي انساني حقن خاص طور تي انساني عزت ۽ تڪريم، برابري ۽ آزادي جي تحفظ جي لاءِ قومي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان نه رڳو انساني حقن جي معاملي ۾ عالمي معاهدن جي پاسداري ڪري ٿو پر بنيادي اسلامي تعليم جي روشني ۾ پڻ سمورن انساني حقن کي مٿانهون رکي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار …

اسلام آباد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بنيادي انساني حقن خاص طور تي انساني عزت ۽ تڪريم، برابري ۽ آزادي جي تحفظ جي لاءِ قومي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان نه رڳو انساني حقن جي معاملي ۾ عالمي معاهدن جي پاسداري ڪري ٿو پر بنيادي اسلامي تعليم جي روشني ۾ پڻ سمورن انساني حقن کي مٿانهون رکي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن انساني حقن جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاڪستان اڄ عالمي برادري سان گڏجي انساني حقن جو عالمي ڏينهن ملهائي رهيو آهي، ان ڏينهن جي مناسبت سان اڄ پاڪستان ان عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو ته اسان بنيادي انساني حقن خاص طور تي انسان جي عزت ۽ تڪريم، برابري ۽ آزادي جي تحفظ جي لاءِ پرعزم آهيون. هن چيو ته انساني حقن جو عالمي ڏينهن 2025ع ۾ ”اسان جي روزاني جون ضرورتون“ جي عنوان تحت ملهايو پيو وڃي، هي موضوع ان حقيقت کي اجاگر ڪري ٿو ته انساني حق رڳو نظرياتي يا ڪتابي تصور نه آهن پر اهي عملي قدم بشمول خوراڪ، صاف پاڻي جي فراهمي ۽ زندگي جي تحفظ جهڙن بنيادي عنصرن تي ٻڌل آهن. هن چيو ته هر سال 10 ڊسمبر تي ملهائجندڙ انساني حقن جو عالمي ڏينهن 1948ع ۾ گڏيل قومن پاران منظور ڪيل انساني حقن بابت تاريخي پڌرنامي جي ياد تازي ڪري ٿو جيڪو هڪ اهڙو سنگ ميل آهي جنهن پوري انسانيت جي لاءِ عزت، آزادي، برابري ۽ انصاف جي تحفظ جي جدوجهد جو نئون باب لکيو. وزيراعظم چيو ته هي ڏينهن سڄي دنيا جي قومن کي ياد ڏياري ٿو ته اهي انساني حقن ۽ انساني قدرن جي احترام ۽ تحفظ کي يقيني بڻائين. اسلامي جمهوريه پاڪستان نه رڳو انساني حقن جي معاملي ۾ عالمي معاهدن جي پاسداري ڪري ٿو پر بنيادي ديني تعليم جي روشني ۾ پڻ سمورن انساني حقن کي مٿانهون رکي ٿو. هن چيو ته اسلام انساني حقن جو سڀ کان مضبوط، معتبر ۽ موثر سرچشمو آهي، اسلام پوري انسانيت جي لاءِ برابري جو اعلان ڪري ٿو ۽ هڪ اهڙي معاشري جو حڪم ڏي ٿو جتي رنگ ۽ نسل، ذات، مذهب يا عقيدي جي بنياد تي ڪو فرق نه هجي ۽ سڀ گڏيل امن ۽ هم آهنگي سان گڏ رهي سگهن. هن چيو ته پاڪستان حڪومت انساني حقن جي تحفظ، فروغ ۽ موثر لاڳو جي لاءِ پرعزم آهي. گڏيل قومن جي ميمبر رياست ۽ عالمي معاهدن جي پاسداري ۾ پاڪستان سدائين ملڪي ۽ عالمي سطح تي انساني حقن جي حمايت ڪئي آهي، اسان جو آئين هر شهري جي بنيادي حقن جي ضمانت ڏي ٿو ۽ حڪومت انهن ئي حقن جي احترام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ مسلسل ڪوششون ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت رياستي ادارن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ته جيئن سماجي تحفظ، صنفي برابري، ٻارن، عورتن، اقليتن، خصوصي ماڻهن ۽ معاشري جي ڪمزور طبقن جي حقن جي موثر تحفظ کي يقيني بڻائي سگهجي، اسان جو مقصد هڪ اهڙو معاشرو جوڙڻ آهي جتي ڪو به شهري پٺتي نه رهجي وڃي. وزيراعظم انساني حقن جي تحفظ جي لاءِ حڪومت جي قدمن کي اجاگر ڪندي چيو ته حڪومت پاران انساني حقن جي تحفظ جي لاءِ بااختيار اداراجاتي نظام قائم ڪيو ويو، هيلپ لائين 1099 قائم ڪئي وئي، نيشنل ڪميشن فار هيومن رائيٽس، نيشنل ڪميشن آن دي اسٽيٽس  اف وومين ۽ نيشنل ڪميشن آن دي رائيٽس آف چائلڊ کي وڌيڪ مضبوط بڻايو پيو وڃي. هن ياد ڏياريو ته تازو ئي پارليامينٽ اقليتن جي حقن جي لاءِ نيشنل ڪميشن بل 2025ع پڻ منظور ڪيو آهي ته جيئن اقليتن جي حقن جي لاءِ هڪ آزاد ڪميشن قائم ڪري سگهجي. هن چيو ته اڄ انساني حقن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان ان عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو ته معاشري ۾ هر ماڻهو جي عزت ۽ احترام کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو، انهن کي ترقي جا موقعا فراهم ڪيا ويندا ۽ آبادي ۾ برابري ۽ شموليت کي قومي ترقي جو بنياد بڻايو ويندو. وزيراعظم انساني حقن جي تحفظ کي گڏيل ذميواري قرار ڏيندي معاشري جي سمورن طبقن بشمول صوبائي حڪومتن، رياستي ادارن، سياسي قيادت، سول انتظاميا، ميڊيا، سول سوسائٽي ۽ خاص طور تي نوجوانن کي اپيل ڪئي ته اهي ڀائيچاري، انصاف ۽ انساني وقار جي فروغ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن.