ڪراچي-09 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ پوليو خلاف صوبائي ٽاسڪ فورس جو اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ وڏي وزير اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو، پوليو خلاف مهم کي وڌيڪ ڪارائتو بڻائڻ لاءِ اپاءَ وٺڻ جا حڪم جاري ڪيا. اجلاس ۾ ماحولي نگراني تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. اي او سي موجب نومبر ۾ ڪراچي جي 12 …
سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ پوليو خلاف صوبائي ٽاسڪ فورس جو اجلاس

مزید خبریں
ڪراچي-09 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ پوليو خلاف صوبائي ٽاسڪ فورس جو اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ وڏي وزير اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو، پوليو خلاف مهم کي وڌيڪ ڪارائتو بڻائڻ لاءِ اپاءَ وٺڻ جا حڪم جاري ڪيا. اجلاس ۾ ماحولي نگراني تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. اي او سي موجب نومبر ۾ ڪراچي جي 12 مان 10 ۽ ٻين ڊويزنن جي 17 مان 11 ھنڌن تي پوليو وائرس جي موجودگي جي تصديق ٿي. صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوھو ۽ اي او سي ڪوآرڊينيٽر شهريار ميمڻ وڏي وزير کي قومي ۽ صوبائي صورتحال تي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ وبائي صورتحال، ماحولياتي نگراني، ضلعن جي ڪارڪردگي، فرنٽ لائن ورڪرز جي ڪارڪردگي ۽ 15 کان 21 ڊسمبر 2025 دوران قومي پوليو جي خاتمي واري مهم جي عملي رٿابندي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته صوبي ۾ 2025ع دوران پوليو جا 9 ڪيس، ٽي بدين، ٻه ٺٽو ۽ هڪ هڪ حيدرآباد، قمبر، لاڙڪاڻو ۽ عمرڪوٽ ۾ رپورٽ ٿيا. ڪراچي ۾ آخري ڪيس ڊسمبر 2024ع ۾ اوڀر ضلعي جي گجرو مان رپورٽ ٿيو هو. 2023ع جي وچ کان هاڻي تائين 75 سيڪڙو کان وڌيڪ نمونا مثبت آيا آهن، جيڪا گذريل ڏهاڪي ۾ سڀ کان وڌيڪ ۽ ڳڻتيءَ جوڳي صورتحال آهي. سيد مراد علي شاهه صورتحال کي وڏي ڳڻتيءَ جوڳو قرار ڏيندي چيو ته وائرس جي اها وڏي موجودگي قبولڻ جوڳي ناهي. صرف هڪ اعليٰ معيار واري، منظم مهم ئي ان جي پکڙجڻ کي روڪي سگهي ٿي. ضلعي جي ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته آڪٽوبر جي قومي حفاظتي ٽُڪن واري مهم ۾ 87 سيڪڙو لاٽس پاس ٿيون، جڏهن ته 206 مان 27 لاٽس (13 سيڪڙو) معيار تي پورو نه لٿيون. وڏي وزير انھيءَ ڪارڪردگي تي عدم اطمينان جو اظھار ڪيو. هن واضح هدايتون ڏنيون ته ڊپٽي ڪمشنرز فيلڊ جي سرگرمين تي مڪمل ڌيان ڏين. پوليو مهم دوران ڪنهن به قسم جي انتظامي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي. وڏي وزير هدايت ڪئي ته صبح جون اسيمبليون اثرائتيون هجن، فرنٽ لائن ورڪرز سرگرم رهن، هر ٻار تائين مهم دوران پهچيو وڃي، بعد ۾ ڪيچ اپ تي ڀاڙڻ نه ھجي. ڊي ايڇ اوز ڊيٽا ۾ ڦير ڦار ۽ غير حاضري تي زيرو ٽالرنس بڻائين، يو سي سپورٽ ٽيمون ترت زميني مسئلا حل ڪن. ڊسمبر واري پوليو خلاف مهم ۾ ھڪ ڪروڙ 6 لک ٻارن کي ڦڙا پياريا ويندا. صوبي جي 30 ضلعن جي 1345 يونين ڪائونسلز ۾ مهم هلندي، 80 هزار کان وڌيڪ فرنٽ لائن ورڪرز ۽ 21 هزار کان وڌيڪ پوليس اهلڪار، جن ۾ اٽڪل 400 ليڊي ڪانسٽيبل پڻ شامل آهن، پنهنجا فرض انجام ڏيندا. وڏي وزير زور ڀريو ته پوليس اهلڪارن جي صبح واري اسيمبلي ۾ وقت سر مقرري کي يقيني بڻايو وڃي. ليڊي اهلڪار هاءِ ريفيوزل علائقن ۾ مدد فراھم ڪن. اجلاس ۾ ضلع سينٽرل ڪراچي ۽ سکر جي ڪارڪردگي تعريف جوڳي قرار ڏني وئي. ضلعي سينٽرل ڪراچي ۾ اين جي اوز ۽ ٽائون ايڊمنسٽريشن جي مدد سان 4,000 پوليو ورڪرز لاءِ ٽرانسپورٽ ۽ منجھند جي ماني جو انتظام ڪيو. سکر ۾ 300 اي آءِ سيز جي 100 سيڪڙو اسيسمينٽ، 13 ڪمزور ڪارڪردگي وارن اي آءِ سيز جي تبديلي، بهتر نگراني ۽ هاءِ رسڪ يوسيز ۾ بهتر ڪوريج جي رپورٽ پيش ڪئي وئي. هن چيو ته انهن ضلعن مثال قائم ڪيو آھي، ٻين ضلعي کي به اهڙا ماڊل اپنائڻ گهرجن. وڏي وزير چيو ته زيرو ڊوز ۽ انڪار ڪندڙ ٻارن تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته زيرو ڊوز ٻارن مان 85 سيڪڙو جي هاڻي ويڪسينيشن ٿي چڪي آهي، پر اٽڪل 12 هزار ٻار اڃا باقي آهن. وڏي وزير هدايت ڪئي ته سڀني انڪار ڪندڙ ٻارن کي پوليو خلاف مهم دوران لازمي ويڪسينيٽ ڪيو وڃي. مڪاني حڪومت ۽ انتظاميا سڌو سنئون فالو اپ ڪن. وڏي وزير برادرين سان رابطا، مؤثر پيغام پھچائڻ، با اثر شخصيتن جي شموليت ۽ مربوط ميڊيا مهم تي به زور ڏنو. وڏي وزير چيو ته سنڌ وٽ ملڪ جو بهترين پوليو انفراسٽرڪچر موجود آهي. هاڻي ضرورت نظم و ضبط، جوابدهي ۽ عوامي اعتماد جي آهي. سنڌ جو ڪو به ٻار ويڪسينيشن کان محروم نه رهي. هن ڊيٽا گڏ ڪرڻ، آسان بڻائڻ، معاون نگراني ۽ فرنٽ لائن ورڪرز جي همٿ افزائي جي به هدايت ڪئي. اجلاس جي آخر ۾ ڊيلي ڊيش بورڊ، ريئل ٽائيم رپورٽنگ، صوبائي ۽ ضلعي سطح تي سخت نگراني جي حڪمن سان ٿي. اجلاس ۾ صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوھو، آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ، ميئر ڪراچي بئرسٽر مرتضيٰ وهاب، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، ايڊشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو، سيڪريٽري ٽو سي ايم عبدالرحيم شيخ، سيڪريٽري صحت ريحان بلوچ، ڊي جي هيلٿ ڊاڪٽر وقار ميمڻ، يونيسف، ڊبليو ايڇ او ۽ روٽري انٽرنيشنل جا نمائندا، اي او سي ڪوآرڊينيٽر شهريار گل ۽ ڪراچي جي سڀني ڊپٽي ڪمشنرز شرڪت ڪئي. ٻين ڊويزنن جا ڪمشنرز، ڊي سيز، ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز وڊيو لنڪ ذريعي شامل ٿيا.











