وزيراعظم شهباز شريف پاران قطر جي قومي ڏينهن جي موقعي تي قطر جي قيادت کي مبارڪون، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا وقت سان گڏ وڌيڪ مستحڪم ٿي رهيا آهن: شهباز شريف

اسلام آباد - 09 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر سان پاڪستان جي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. قطر جي قومي ڏينهن جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته قطر جي قومي ڏينهن جي تقريب ۾ شرڪت خوشي جوڳي آهي، پاڪستان جا قطر سان …

اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر سان پاڪستان جي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. قطر جي قومي ڏينهن جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته قطر جي قومي ڏينهن جي تقريب ۾ شرڪت خوشي جوڳي آهي، پاڪستان جا قطر سان پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن. وزيراعظم شهباز شريف قومي ڏينهن جي خوشي جي موقعي تي قطر جي قيادت کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته قطر جي امير جي مدبراڻي قيادت ۾ ڀائر ملڪ جي نمايان ترقي تي خوشي آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وقت سان گڏ وڌيڪ مستحڪم ٿي رهيا آهن. هن تڪرارن ۽ پيچيده مسئلن جي حل لاءِ ڳالهه ٻولهه، مفاهمت قائم ڪرڻ، خطي ۽ دنيا ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ قطر جي قيادت جي ڪوششن ۽ قدمن کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم چيو ته فيفا ورلڊ ڪپ 2022ع جو ڪامياب انعقاد قطر جي قيادت جي امن ۽ ترقي جي ويزن جي عڪاسي ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ قطر جا دفاعي پيداوار، واپار، سيڙپڪاري، عوام جي وچ ۾ رابطن سميت گهڻ رخا لاڳاپا آهن ۽ اسان گڏيل خوشحال مستقبل جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. هن قابل تجديد توانائي، ريئل اسٽيٽ، انفراسٽرڪچر سميت مختلف شعبن ۾ قطر جي سيڙپڪاري ۽ پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۾ ڪردار کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم چيو ته اسرائيل جي جارحيت کانپوءِ پاڪستان قطر سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ عرب اسلامڪ سمٽ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو جڏهن ته قطر پڻ هلندڙ سال ڀارت جي جارحيت جي خلاف پاڪستان جي ڀرپور حمايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي عوام قطر سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. هن چيو ته قطر ۾ رهندڙ پاڪستاني ڀائر ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ان کان اڳ قطر جي سفير علي مبارڪ الخاطر تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته قومي ڏينهن جي تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي شرڪت تي خوشي ٿي آهي، قطر پاڪستان سان لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ قطر ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جاري آهي، اهو ٻطرفو تعاون اسان جي ويجهي لاڳاپن جو عڪاس آهي. هن پاڪستان سان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته قطر عالمي سطح تي امن ۽ استحڪام ۽ تعاون جي لاءِ پڻ ڀرپور ڪوششون ڪيون آهن. بعد ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، سينيٽ چيئرمين ۽ ٻين قطر جي قومي ڏينهن تي ڪيڪ ڪاٽيو.