وزيراعظم شهباز شريف سان انڊونيشيا جي صدر جي وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه، سياسي ۽ سفارتي، اقتصادي ۽ واپاري، سلامتي ۽ دفاع سميت مختلف شعبن ۾ ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ: پرڏيهي آفيس پاران جاري پڌرنامو

اسلام آباد - 09 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي جمهوريه انڊونيشيا جي صدر پرابوو سبيانتو 8 ۽ 9 ڊسمبر 2025ع تي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪيو. دوري دوران صدر پرابوو سبيانتو وزيراعظم محمد شهباز شريف سان وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ صدر آصف علي زرداري سان پڻ ملاقات ڪئي. چيف آف ڊفينس فورسز ۽ چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد …

اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي جمهوريه انڊونيشيا جي صدر پرابوو سبيانتو 8 ۽ 9 ڊسمبر 2025ع تي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪيو. دوري دوران صدر پرابوو سبيانتو وزيراعظم محمد شهباز شريف سان وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ صدر آصف علي زرداري سان پڻ ملاقات ڪئي. چيف آف ڊفينس فورسز ۽ چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پڻ صدر پرابوو سبيانتو سان ملاقات ڪئي، دوري دوران صدر انڊونيشيا جي صدر کي پاڪستان جي اعليٰ ترين سول اعزاز نشان پاڪستان سان نوازيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري ٿيندڙ پڌرائي موجب انڊونيشيا جي صدر جو پاڪستان جو دورو خصوصي اهميت رکندڙ هو ڇو ته پاڪستان ۽ انڊونيشيا هلندڙ سال سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جا 75 سال مڪمل ٿيڻ جو جشن ملهائي رهيا آهن. ان دوري ٻنهي ملڪن کي گذريل ڏهاڪن ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ ۽ گڏيل تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو. ٻنهي ڌرين ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته گڏيل لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي آزادي کان اڳ جا آهن ۽ ان تاريخي بنياد تي گڏيل تعاون کي سمورن شعبن ۾ وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ٻنهي ڌرين مستقبل ۾ تعاون ۽ ٻطرفي رابطن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. دوري دوران ٻنهي ملڪن ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ سياسي ۽ سفارتي، اقتصادي ۽ واپاري، سلامتي ۽ دفاع، ثقافتي ۽ تعليمي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ صحت جي شعبن ۾  ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اعليٰ سطح جي رابطن، سياسي ڳالهه ٻولهه، موجوده ٻطرفي مڪينزم جي موثر استعمال ۽ پارلياماني لاڳاپن جي فروغ تي زور ڏنو. واپار ۽ اقتصادي تعاون کي سگهه ڏيڻ جي گڏيل عزم جي توثيق ڪندي ٻنهي ملڪن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته جيتوڻيڪ 2014ع کان ٻطرفو واپار ٻيڻو ٿي 4 ارب ڊالر کان وڌي چڪو آهي تنهن هوندي به وڌيڪ بي شمار موقعا موجود آهن. ٻنهي ڌرين موجوده آءِ پي پي ٽي اي کي وڌائي جامع اقتصادي حصيداري معاهدي ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ فوري طور تي گڏيل ڳالهه ٻولهه واري ڪميٽي جو اجلاس گهرائڻ تي اتفاق ڪيو جنهن تحت وڌيڪ واپاري رعايتن، غيرٽيرف رڪاوٽن جي خاتمي ۽ موثر تعاون جي ذريعي ٻطرفي واپار جي حقيقي صلاحيت کي حاصل ڪرڻ ممڪن ٿيندو. روايتي واپاري شيون جهڙوڪ زرعي ۽ صنعتي مصنوعات، پام آئل، سرجيڪل اوزارن ۽ دواسازي جي اهميت کي تسليم ڪندي ڌرين آءِ ٽي، سائبر سيڪيورٽي ۽ فن ٽيڪ سميت سروسز سيڪٽر ۾ تعاون وڌائڻ جا موقعا ڳولڻ تي اتفاق ڪيو. حلال فوڊ انڊسٽري ۽ اسلامي فنانس ۾ تعاون جي اهميت کي پڻ اجاگر ڪيو ويو. ٻنهي ملڪن سيڙپڪاري جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. ڌرين گڏيل سيڙپڪاري کي وڌائڻ خاص طور تي زراعت، آءِ ٽي، معدنيات، سياحت، انفراسٽرڪچر، ڊيجيٽل ڍانچي، رابطي ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون جا نوان موقعا ڳولڻ تي اتفاق ڪيو. ان سلسلي ۾ پاڪستان جي اسپيشل انويسٽمينٽ فيسلي ٽيشن ڪائونسل ۽ انڊونيشيا جي خودمختيار فنڊ جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ تي پڻ اتفاق ٿيو. دفاعي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي اهميت کي تسليم ڪندي ٻنهي ملڪن اعليٰ سطح جي عسڪري رابطي، دفاعي صنعت ۾ تعاون جي اداراجاتي ڍانچي، خصوصي تربيت پروگرامن ۽ عسڪري تربيتي ادارن جي وچ ۾ مٽاسٽا کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. انڊونيشيا پاڪستان سان جاري عسڪري تربيت ۽ دفاعي تعليم جي تعاون کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن دفاعي صنعت، سامونڊي ۽ فضائي تربيت جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي امڪانن جو جائزو وٺڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي ڌرين عالمي سلامتي جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل طور تي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو جنهن ۾ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي، منشيات جي غيرقانوني اسمگلنگ جي روڪٿام ۾ تعاون شامل آهي، جيڪو عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن موجب هوندو. پاڪستان انڊونيشيا جي صحت جي شعبي ۾ نمايان ترقي جي ڪوششن کي ساراهيو. ٻنهي ملڪن انساني صحت، صحت جي سهولتن، دواسازي، طبي اوزارن، ڊيجيٽل هيلٿ، صحت ايمرجنسي، وبائي مرضن کان بچاءُ، ويڪسين سازي، بيمارين جي روڪٿام ۽ عورتن ۽ ٻارن جي صحت جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ماحولياتي تبديلي جي خطرن کي تسليم ڪندي ٻنهي ملڪن آفتن جي انتظام ۽ موسمياتي لچڪ ۾ تعاون وڌائڻ، معلومات جي مٽاسٽا، صلاحيت ۾ اضافي ۽ گڏيل قدمن تي اتفاق ڪيو. سياحت ۾ گڏيل تاريخ ۽ ثقافت جي بنياد تي موجود وسيع موقعن جي اهميت کي اجاگر ڪندي ٻنهي ڌرين گڏيل پائيدار سياحتي منصوبن ۽ گڏيل تشهيري سرگرمين کي وڌائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي عوام جي وچ ۾ وڌندڙ رابطي جي آجيان ڪندي ٻنهي ملڪن تعليمي تعاون، شاگردن جي مٽاسٽا ۽ گڏيل تحقيقي منصوبن جي فروغ تي اتفاق ڪيو. ٽيڪنيڪي، پيشيواراڻي ۽ مذهبي تعليم جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي خواهش پڻ ظاهر ڪئي. ٻنهي اڳواڻن علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گڏيل قومن جي مرڪزي ڪردار کي يقيني بڻائڻ، گهڻ رخي ۽ مضبوط عالمي حڪمراني جي ضرورت تي زور ڏنو. پاڪستان انڊونيشيا کي ڄمون ۽ ڪشمير بابت اهم اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. ٻنهي ڌرين خطي ۾ امن ۽ استحڪام ۽ لاڳاپيل عالمي اصولن ۽ ٻطرفي طريقيڪار تحت مسئلن جي پرامن حل جي اهميت تي زور ڏنو. ٻنهي ملڪن فلسطين ۾ جاري انساني بحران تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. ٻنهي ملڪن فلسطيني عوام جي لاءِ منصفاڻي، پائيدار ۽ جامع امن حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٻه رياستي حل جي حمايت ڪئي جيڪو گڏيل قومن جي قراردادن ۽ عالمي اصولن موجب هجي. ٻنهي ڌرين غزه امن منصوبي جي آجيان ڪئي ۽ غزه جي امن جي لاءِ پنهنجي سفارتي ڪوششن جي تسلسل تي اتفاق ڪيو. پاڪستان آسيان سان پنهنجا لاڳاپا وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. انڊونيشيا پاڪستان جي آسيان سان تعاون وڌائڻ جي دلچسپي کي ساراهيو ۽ آسيان – پاڪستان عملي تعاون جي شعبن تحت سرگرمين جي موثر لاڳو جي حوصلا افزائي ڪئي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل قومن، اسلامي تعاون تنظيم ۽ اسرندڙ ملڪن جي تنظيم ڊي – 8 سميت مختلف عالمي فورمز ۾ تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. انڊونيشيا 2026ع ۾ ڊي – 8 جي چيئرمين شپ سنڀاليندو. ٻنهي ملڪن هڪ ٻئي جي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ٻطرفي اداراجاتي مڪينزم کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف معاهدا/ مفاهمتي يادداشتون پڻ طئي ٿيون. صدر پرابوو سبيانتو وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پاڪستاني عوام جا شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي تي ٿورا مڃيا.