9 ڊسمبر، پاڪ بحريه هنگور ڊي، بهادري، جرئت ۽ سامونڊي برتريءَ جي علامت

اسلام آباد-09 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان نيوي 9 ڊسمبر کي قومي جذبي ۽ عسڪري فخر سان هنگور ڊي ملهائي رهي آهي، جيڪو آبدوز پي اين ايس هنگور جي تاريخي فتح ۽ پاڪ بحريه جي بي مثال پيشيوراڻي صلاحيتن جي ياد ڏياري ٿو. 9 ڊسمبر 1971ع تي پاڪ بحريه جي آبدوز هنگور دشمن جي بحري جهاز آءِ اين ايس ڪڪري کي سمنڊ حوالي، جڏهن ته آءِ اين ايس ڪرپان کي …

اسلام آباد-09 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان نيوي 9 ڊسمبر کي قومي جذبي ۽ عسڪري فخر سان هنگور ڊي ملهائي رهي آهي، جيڪو آبدوز پي اين ايس هنگور جي تاريخي فتح ۽ پاڪ بحريه جي بي مثال پيشيوراڻي صلاحيتن جي ياد ڏياري ٿو. 9 ڊسمبر 1971ع تي پاڪ بحريه جي آبدوز هنگور دشمن جي بحري جهاز آءِ اين ايس ڪڪري کي سمنڊ حوالي، جڏهن ته آءِ اين ايس ڪرپان کي شديد نقصان پهچائي ڀارتي بحري تڪبر کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو هو. اها ڪارروائي دنيا جي بحري تاريخ جي ڪجهه ڪامياب ترين آبدوز حملن ۾ شمار ڪئي وڃي ٿي. چيف آف ڊفينس فورسز ۽ چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير هنگور ڊي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته 9 ڊسمبر 1971ع تي هنگور جي جانباز عملي دليري ۽ قربانيءَ جي اهڙي روشن تاريخ لکي جيڪا اڄ به دشمن جي ذهنن تي نقش آهي. 1971ع ۾ پڻ پاڪ بحريه دشمن لاءِ سمنڊ ۾ شيهي جي ديوار هئي ۽ اڄ به اها ملڪ جي بحري سرحدن تي مضبوط لوهي قلعو آهي. اهو ڏينهن اسان کي ياد ڏياري ٿو ته پاڪستان امن جو خواهشمند آهي پر پنهنجي خودمختياري ۽ وطن جي دفاع لاءِ عزم اهميت رکي ٿو. ان موقعي تي نيول چيف ايڊمرل نويد اشرف چيو ته پاڪ بحريه هنگور جي روايت کي برقرار رکندي وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي ۽ 8 جديد هنگور ڪلاس آبدوزون ويجهڙ ئي پاڪ بحريه جي ٻيڙيءَ ۾ شامل ٿي رهيون آهن، جيڪو بحري دفاع کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو. پاڪ بحريه اڄ به پنهنجي شاندار ماضيءَ وانگر دشمن جا ڏند ڀڃڻ لاءِ هر وقت تيار آهي. هنگور ڊي جي موقعي تي پاڪ بحريه هڪ خاص دستاويزي فلم ”هدف“ به جاري ڪئي آهي جيڪا آبدوز هنگور جي ڪمانڊنگ آفيسر وائيس ايڊمرل (ر) احمد تسنيم جي وار ڊائري تي ٻَڌل آهي. اها فلم پاڪ بحريه جي سمورين سب ميرينز جي جرئت، ايثار ۽ قربانيءَ جي عظمي روايتن کي حقيقي عڪاس آهي. هنگور ڊي نه صرف هڪ تاريخي فتح جي ياد ڏياري ٿو پر اهو ڏينهن پاڪستاني قوم ۽ فوج جي ان عزم جي علامت پڻ آهي ته ملڪ جو دفاع مضبوط هٿن ۾ آهي ۽ رهندو.