اسلام آباد-09 ڊسمبر (اي پي پي) نيپرا حڪومت جي سفارش تي صنعتي شعبي جي واڌو بجلي کپت لاءِ رعايتي ٽيرف جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پاور ڊويزن طرفان جاري بيان موجب حڪومت ملڪ ۾ صنعتي ۽ زرعي ترقيءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تاريخي قدم کنيو آهي، وفاقي حڪومت جي سفارش تي نيپرا صنعتي شعبي جي واڌو بجلي کپت لاءِ رعايتي ٽيرف جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ان حوالي سان سرڪاري …
نيپرا صنعتي شعبي جي واڌو بجلي کپت لاءِ رعايتي ٽيرف جي منظوري ڏئي ڇڏي
اسلام آباد-09 ڊسمبر (اي پي پي) نيپرا حڪومت جي سفارش تي صنعتي شعبي جي واڌو بجلي کپت لاءِ رعايتي ٽيرف جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پاور ڊويزن طرفان جاري بيان موجب حڪومت ملڪ ۾ صنعتي ۽ زرعي ترقيءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تاريخي قدم کنيو آهي، وفاقي حڪومت جي سفارش تي نيپرا صنعتي شعبي جي واڌو بجلي کپت لاءِ رعايتي ٽيرف جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ان حوالي سان سرڪاري ڊٽرمينيشن هاڻي وفاقي حڪومت کي وصول ٿي وئي آهي. منظور ٿيل قيمتن موجب صنعتن مان واڌو بجلي جي استعمال تي 22.98 رپيا في يونٽ چارج ڪيو ويندو. پاور ڊويزن نيپرا جي فيصلي جي آجيان ڪندي باضابطه نوٽيفڪيشن جي جاري ڪرڻ لاءِ ضروري قدم شروع ڪري ڇڏيا آهن. پاور ڊويزن تصديق ڪئي آهي ته صنعتي سپورٽ پيڪيج جو رهائشي يا ڪمرشل صارفين تي ڪنهن به ڪنهن به قسم جو اثر نه پوندو. اهو پيڪيج جيڪو صنعتي ۽ زرعي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي، ملڪ ۾ پيداوار ۾ نمايان واڌ، چٽاڀيٽيءَ ۾ بهتري ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجندو. وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو ته ٽي ساله صنعتي پيڪيج سان صنعتي شعبي کي مستقبل جي منصوبا بندي وڌيڪ اعتماد ۽ استحڪام سان ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته گرين فيلڊ انڊسٽريز جنهن ۾ ڊيٽا سينٽرز ۽ ڪرپٽو مائيننگ آپريشن به شامل آهن، پڻ نظرثاني ٿيل ٽيرف مان فائدو کڻندا. اهو پيڪيج پاور ڊويزن طرفان باضابطه نوٽيفڪيش جاري هئڻ بعد لاڳو هوندو.












