اسلام آباد-09 ڊسمبر (اي پي پي) حڪومت صنعتي ۽ زرعي شعبن لاءِ بجلي جي اگهن ۾ نمايان گهٽتائي ڪئي آهي، ته جئين ڪاروبار ڪندڙ جي لاڳت گهٽ ٿئي ۽ معاشي سرگرمين ۾ اضافو ٿي سگهي. اڱاري ڏينهن توانائي وزارت جي ترجمان طرفان جاري بيان مطابق نئين ٽيرف ڍانچي تحت زرعي صارفين لاءِ اضافي استعمال ٿيل بجلي جي في يونٽ قيمت 38 رپين مان گهٽ ڪري 22 رپيا 98 پئسا ڪري …
حڪومت پاران صنعتي ۽ زرعي شعبي لاءِ بجلي جي اگهن ۾ نمايان گهٽتائي
اسلام آباد-09 ڊسمبر (اي پي پي) حڪومت صنعتي ۽ زرعي شعبن لاءِ بجلي جي اگهن ۾ نمايان گهٽتائي ڪئي آهي، ته جئين ڪاروبار ڪندڙ جي لاڳت گهٽ ٿئي ۽ معاشي سرگرمين ۾ اضافو ٿي سگهي. اڱاري ڏينهن توانائي وزارت جي ترجمان طرفان جاري بيان مطابق نئين ٽيرف ڍانچي تحت زرعي صارفين لاءِ اضافي استعمال ٿيل بجلي جي في يونٽ قيمت 38 رپين مان گهٽ ڪري 22 رپيا 98 پئسا ڪري ڇڏيي آهي، جڏهن ته صنعتي شعبي لاءِ به اگهه 34 رپين مان گهٽ ڪري 22 رپيا 98 پئسا في يونٽ مقرر ڪئي وئي آهي. اهي اهم رليف وارا قدم ٻنهي شعبن جي صارفين لاءِ بجلي جي سراسر لاڳت ۾ نمايان گهٽتائي جو سبب بڻجندا. نئين ٽيرف مطابق زرعي صارفين جيڪي اضافي 100 يونٽ استعمال ڪن ٿا انهن جي سراسري بجلي لاڳت ۾ اٽڪل 7 رپيا في يونٽ گهٽتائي ايندي. اهڙي طرح صنعتي صارفين لاءِ جيڪي اضافي 1000 يونٽس استعمال ڪن ٿا، سراسري لاڳت ۾ لڳ ڀڳ 5 رپيا في يونٽ جي گهٽتائي متوقع آهي. حڪومت ان کان اڳ به صنعتي شعبي لاءِ ڪيترائي ڀيرا ٽيرف ۾ گهٽتائي ڪري چڪي آهي ۽ اها تازي گهٽتائي صنعتي پيداوار ۾ اضافي ۽ معاشي سرگرمين کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. اهي قدم حڪومت جي ان عزم جي عڪاسي ڪن ٿا ته بجلي جي اگهن کي وڌيڪ سستو ۽ ترقي دوست بڻايو وڃي. وفاقي حڪومت کي يقين آهي ته اهي قدم ملڪي معيشت جي بحالي ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪندا ۽ معيشت جي اهم پيداواري شعبن کي رليف فراهم ڪيو ويندو.












