اسلام آباد - 09 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مالياتي بدعنواني کي ختم ڪرڻ جي لاءِ قدمن کي وڌيڪ منظم انداز ۾ جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته نيب کي پنهنجو ڪم شفافيت سان جاري رکڻ جي مڪمل اداراجاتي آزادي حاصل آهي، وفاقي حڪومت نيب جي ذريعي سياسي انتقام تي يقين نه ٿي رکي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم هائوس اسلام آباد …
وزيراعظم پاران مالياتي بدعنواني کي ختم ڪرڻ جي لاءِ قدمن کي وڌيڪ منظم انداز ۾ جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ
اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مالياتي بدعنواني کي ختم ڪرڻ جي لاءِ قدمن کي وڌيڪ منظم انداز ۾ جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته نيب کي پنهنجو ڪم شفافيت سان جاري رکڻ جي مڪمل اداراجاتي آزادي حاصل آهي، وفاقي حڪومت نيب جي ذريعي سياسي انتقام تي يقين نه ٿي رکي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ بدعنواني جي خاتمي جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان منعقد تقريب کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، نيب جي آفيسرن، ڊي جي ايف آءِ اي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي سربراهن، سرڪاري آفيسرن ۽ ٻين شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم قومي احتساب بيورو (نيب) پاران مالي بدعنواني جي خاتمي جي لاءِ ڪوششن ۽ غيرمعمولي ڪامياب ڪاررواين تي ليفٽيننٽ جنرل (ر) نذير احمد ۽ سموري ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته نيب کي مڪمل اداراجاتي آزادي حاصل آهي ته شفافيت سان پنهنجو ڪم جاري رکي سگهي ڇو ته وفاقي حڪومت نيب جي ذريعي سياسي انتقام تي يقين نه ٿي رکي. هن چيو ته پاڪستان بدعنواني جي خامي جي عالمي ڏينهن تي ان عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو ته مالياتي بدعنواني کي ختم ڪرڻ جي لاءِ قدمن کي وڌيڪ منظم انداز ۾ جاري رکندو. وزيراعظم چيو ته 2025ع ۾ هي ڏينهن ”نوجوانن سان گڏجي بدعنواني جي خلاف: ايماندار باعزت مستقبل جو بنياد“ جي عنوان تحت ملهايو پيو وڃي، هي عنوان پاڪستان جي نوجوان آبادي کي ان خير جي ڪم ۾ شامل ڪرڻ جي اهميت کي ڀرپور اجاگر ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستاني نوجوان اسان جو قيمتي اثاثو ۽ پرامن، خوشحال ۽ ترقي يافته مستقبل جي ضمانت آهن. هن چيو ته مالي بدعنواني کان پاڪ معاشرو ئي ملڪي ترقي، خوشحالي ۽ معيشت جي مضبوطي ۽ عوامي اعتماد کي يقيني بڻائي ٿو. وزيراعظم چيو ته سمورن حڪومتي منصوبن ۽ قدمن ۾ مالي، انتظامي ۽ اداراجاتي شفافيت کي يقيني بڻائڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. بدعنواني جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته هي ڏينهن دنيا کي اهو موقعو فراهم ڪري ٿو ته بدعنواني جي خراب معاشرتي اثرن جي حوصلا شڪني ۽ بدعنواني کان پاڪ معاشرو جوڙڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪن. وزيراعظم چيو ته مالي بدعنواني جي خلاف ٺوس قدم کڻڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي، ان ڏس ۾ قومي احتساب بيورو (نيب) ۽ سمورا لاڳاپيل ادارا ڀرپور طريقي ۽ وڏي محنت سان ڪارروائي ڪري رهيا آهن ته جيئن هر سطح تي جوابدهي کي يقيني بڻائي سگهجي. وزيراعظم نيب جي ڪاررواين کي ساراهيندي چيو ته منظم مالي ڏوهن جي ڪري پنهنجي رقم کان محروم ٿيندڙ شهرين جي وقت سر دادرسيءَ سان نيب تي عوام جو اعتماد وڌيڪ مستحڪم ٿيو آهي. تقريب کي نيب چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) نذير احمد پڻ خطاب ڪيو ۽ نيب جي تازي ڪجهه سالن ۽ خاص طور تي هن سال جي ڪارڪردگي تي وزيراعظم ۽ حاضرين کي بريفنگ ڏني. نيب چيئرمين چيو ته سمورن لاڳاپيل رياستي ادارن سان گڏيل ۽ موثر تعاون سان نيب 2025ع ۾ 5.1 ٽريلين رپين کان وڌيڪ ماليات جي اثاثن جي غيرمعمولي وصوليون ممڪن بڻايون. نيب چيئرمين چيو ته 2022ع کانپوءِ قومي احتساب بيورو ۾ سڌاراجاتي قدم هنگامي بنيادن تي کنيا ويا آهن جنهن سان قومي احتساب بيورو جي ڪارڪردگي ۾ بهتري ڏسي سگهجي ٿي. نيب چيئرمين چيو ته بدعنواني جي خامي جي عالمي ڏينهن جي تقريب وزيراعظم هائوس ۾ منعقد ٿيڻ ان ڳالهه جي عڪاسي ڪري ٿو ته احتساب ۽ جوابدهي حڪومت جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. تقريب جي پڄاڻي تي نيب جي غيرمعمولي ڪارڪردگي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ نيب آفيسرن کي اعزازي شيلڊز سان نوازيو ويو. وزيراعظم اعليٰ ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ نيب آفيسرن کي انعام جي طور تي ٽي اعزازيا يا عمري جي ادائيگي جو موقعو فراهم ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي. تقريب ۾ يو اين او ڊي سي جي نمائندي گڏيل قومن جي اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل آف يوٿ افيئرز فلپ پولير جو پيغام پڙهي ٻڌايو.












