اسلام آباد-09 ڊسمبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ، جڏهن ته جابلو علائقن ۾ صبح ۽ رات جي وقت ۾ موسم شديد ٿڌي رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جي ميداني علائقن ۾ سموگ جڏهن ته صبح ۽ رات جي وقت ۾ ڪجهه هنڌن تي ڪوهيڙو پوڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم …
ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ، جابلو علائقن ۾ صبح/رات جي وقت ۾ شديد ٿڌ رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو
اسلام آباد-09 ڊسمبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ، جڏهن ته جابلو علائقن ۾ صبح ۽ رات جي وقت ۾ موسم شديد ٿڌي رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جي ميداني علائقن ۾ سموگ جڏهن ته صبح ۽ رات جي وقت ۾ ڪجهه هنڌن تي ڪوهيڙو پوڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ، جڏهن ته جابلو علائقن ۾ شديد ٿڌ رهي. پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جي ميداني علائقن ۾ سموگ جڏهن ته رات ۽ صبح جي وقت ۾ ڪجهه هنڌن تي ڪوهيڙو ڇائنيل رهيو. اڱاري ڏينهن رڪارڊ ڪيل گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد ليه ۾ ڪاٽو 09، اسڪردو ۾ ڪاٽو 06، بگروٽ ۾ ڪاٽو 04، گوپس ۽ گلگت ۾ ڪاٽو 03 ۽ قلات ۾ ڪاٽو 02 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.












