سينيئر وزير شرجيل ميمڻ سان ايشين ڊولپمينٽ بينڪ جي وفد جي ملاقات

ڪراچي-09 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير، اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ سان ايشين ڊولپمينٽ بينڪ جي وفد ڪراچي ۾ سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٽرانسپورٽ بابت رٿائن جي مالي مدد ۽ مستقبل جي اھم قدمن تي تفصيلي طور خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جاري ڪيل پڌرائي موجب ايشين ڊولپمينٽ بينڪ جي وفد ملاقات جي موقعي تي ٽرانسپورٽ جي جاري …

ڪراچي-09 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير، اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ سان ايشين ڊولپمينٽ بينڪ جي وفد ڪراچي ۾ سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٽرانسپورٽ بابت رٿائن جي مالي مدد ۽ مستقبل جي اھم قدمن تي تفصيلي طور خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جاري ڪيل پڌرائي موجب ايشين ڊولپمينٽ بينڪ جي وفد ملاقات جي موقعي تي ٽرانسپورٽ جي جاري رٿائن ۽ مستقبل ۾ ٽرانسپورٽ ۽ موبلٽي جي وڌيڪ منصوبن ۾ مدد جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي ڳالھائيندي سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ سرڪار پاڪستان ۾ پھريون ڀيرو بايو گيس تي ھلڻ واريون بسون ھلائڻ پئي وڃي، ڪراچي لاءِ بايو گيس تي ھلڻ وارين بسن جي خريداري وارو عمل شروع ڪيو پيو وڃي. ھن چيو ته سنڌ حڪومت جي ترجيح اھا آھي ته بايو گيس تي ھلڻ واريون بسون نه رڳو جديد ھُجن پر آءِ ٽي ايس تي به ٻڌل ھُجن. شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ ھو ته ڪراچي ۾ ماحول دوست بسن جي لاءِ بايو گيس پلانٽ رٿا تي به ڪم جلد شروع ڪيو پيو وڃي، بايو گيس پلانٽ جھڙا قدم ماحول دوست ٽرانسپورٽ کي ھٿي ڏيڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪندا، بايو گيس ۽ اي وي گاڏين سان ماحولياتي گدلاڻ ۾ گھٽتائي آڻڻ ۾ مدد ملندي.ملاقات جي موقعي سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن ۽ ٽرانس ڪراچي جو سي اي او فواد غفار سومرو پڻ موجود ھو.

مزید خبریں