آزاد ڄمون ڪشمير جي وزيراعظم فيصل ممتاز راٺوڙ سان وفاقي وزير انجينئر امير مقام جي ملاقات

اسلام آباد-09 ڊسمبر (اي پي پي) آزاد ڄمون ڪشمير جي وزيراعظم فيصل ممتاز راٺوڙ ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران معاملن واري وفاقي وزير انجينئر امير مقام وچ ۾ ڄمون ڪشمير هائوس ۾ اهم ملاقات ٿي، جنهن ۾ انجينئر امير مقام کيس يقين ڏياريو ته وفاقي حڪومت آزاد ڄمون ڪشمير ۾ تعمير ۽ ترقي جي عمل کي تيز ڪرڻ لاءِ هر ممڪن سهڪار جاري رکندي. جاري بيان مطابق وفاقي وزير انجينئر …

اسلام آباد-09 ڊسمبر (اي پي پي) آزاد ڄمون ڪشمير جي وزيراعظم فيصل ممتاز راٺوڙ ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران معاملن واري وفاقي وزير انجينئر امير مقام وچ ۾ ڄمون ڪشمير هائوس ۾ اهم ملاقات ٿي، جنهن ۾ انجينئر امير مقام کيس يقين ڏياريو ته وفاقي حڪومت آزاد ڄمون ڪشمير ۾ تعمير ۽ ترقي جي عمل کي تيز ڪرڻ لاءِ هر ممڪن سهڪار جاري رکندي. جاري بيان مطابق وفاقي وزير انجينئر امير مقام، آزاد ڄمون ڪشمير جي وزيراعظم سان ڳلي مليو ۽ منصب سنڀالڻ تي مبارڪون ڏنيون. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، ڪشمير مسئلي جي تازي صورتحال ۽ آزاد ڪشمير ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته ڪشمير مسئلي کي عالمي فورمز تي موثر انداز ۾ اجاگر ڪيو ويندو. ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي پائمالين کي عالمي برادري آڏو وڌيڪ واضح انداز ۾ پيش ڪيو ويندو. وزيراعظم فيصل ممتاز راٺوڙ، پاڪستان حڪومت طرفان آزاد ڪشمير جي ترقياتي بجيٽ ۽ عوامي ڀلائي جي منصوبن ۾ سهڪار تي وفاقي وزير جو شڪريو ادا ڪيو. انجينئر امير مقام، يقين ڏياريو ته وفاقي حڪومت آزاد ڄمون ڪشمير ۾ تعمير ۽ ترقي جي عمل کي تيز ڪرڻ لاءِ هر ممڪن سهڪار جاري رکندي. ملاقات ۾ توانائي، انفراسٽرڪچر، صحت ۽ سياحت جي شعبن ۾ گڏيل قدمن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي.