اسلام آباد - 09 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ جمهوريه انڊونيشيا جي صدر پرابوو سوبيانتو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن، دفاع، سلامتي، صحت، تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، زراعت ۽ ماحولياتي تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ٻطرفو واپاري ڪاٿو وڌائڻ جي لاءِ انڊونيشيا – پاڪستان ترجيحي واپاري معاهدي تي نظرثاني ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس …
وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ جمهوريه انڊونيشيا جي صدر پاران مُختلف شُعبن ۾ تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي گڏيل عزم جو ورجاءُ
اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ جمهوريه انڊونيشيا جي صدر پرابوو سوبيانتو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن، دفاع، سلامتي، صحت، تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، زراعت ۽ ماحولياتي تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ٻطرفو واپاري ڪاٿو وڌائڻ جي لاءِ انڊونيشيا – پاڪستان ترجيحي واپاري معاهدي تي نظرثاني ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف انڊونيشيا جي صدر پرابوو سوبيانتو جو وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾استقبال ڪيو، صدر پرابوو سوبيانتو کي وزيراعظم هائوس اچڻ تي گارڊ آف آنر ڏنو ويو. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ٻطرفي ملاقات ٿي جنهن کانپوءِ اعليٰ سطحي وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، ڪابينا جا ميمبر ۽ اعليٰ عملدار شامل هئا. ٻنهي اڳواڻن انڊونيشيا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن بشمول سياسي ۽ سفارتي مصروفيتن، اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن، دفاع ۽ سلامتي، صحت، تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، زراعت ۽ ماحوليات جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ڌرين ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. ٻطرفي واپار جي حوالي سان اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻنهي ڌرين ٻطرفي واپار جي ڪاٿي کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ انڊونيشيا – پاڪستان ترجيحي واپاري معاهدي تي نظرثاني ڪرڻ تي اتفاق ڪيو جنهن جي ماليت اٽڪل 4 بلين آمريڪي ڊالر آهي. وڌيڪ اهو ته واپاري عدم توازن کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون شروع ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. ٻنهي ڌرين خاص طور تي حلال صنعت، زرعي جنسن جي واپار، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ٽيڪنيڪي ۽ پيشيواراڻي تعليم ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ۽ انڊونيشيا جي خودمختيار دولت فنڊ جي وچ ۾ بهتر تعاون جي ذريعي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۽ گڏيل منصوبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم صدر پرابوو جي عوامي ڀلائي تي ٻڌل قدمن بشمول ”مفت غذائيت سان ڀرپور کاڌي جو پروگرام“ کي ساراهيو. صحت جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ ۾ انڊونيشيا جي دلچسپي جو ذڪر ڪندي وزيراعظم طبي ماهرن جي مٽاسٽا، طبي قابليت جي گڏيل سڃاڻپ ۽ خصوصي تربيت جي آڇ جي ذريعي تعاون کي وڌائڻ جا طريقا ڳولڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ڪشمير ۽ غزه جي صورتحال سميت علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ انساني حقن جي تحفظ موجب تڪرارن جي پرامن حل جي لاءِ پنهنجي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم غزه ۾ صدر پرابوو جي فعال سفارتي ۽ انساني ڪوششن کي ساراهيو ۽ جنگبندي جي انتظامن کي اڳتي وڌائڻ ۽ انساني امداد جي فراهمي ۾ ان جي ڪردار کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل قومن، او آءِ سي ۽ ڊي ايٽ سميت گهڻ رخي فورمز تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي ۽ فعال تعاون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم انڊونيشيا کي ڊي ايٽ جي قيادت سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ انڊونيشيا جي صدر کي ان فورم تي پاڪستان پاران مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. ڳالهه ٻولهه کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن مختلف شعبن ۾ مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن جي دستاويزن جي مٽاسٽا جو مشاهدو ڪيو. وزيراعظم انڊونيشيا جي صدر ۽ ساڻس گڏ آيل وفد جي اعزاز ۾ مانجهاندي جو پڻ اهتمام ڪيو. هي دورو پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75هين سالگرهه جي موقعي تي ٿي رهيو آهي جيڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻي لاڳاپن ۾ هڪ تاريخي سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو.












