وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري پاران سريلنڪا ۾ طوفان سبب متاثر علائقن جي بحاليءَ جي ڪوششن ۾ مدد لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ

اسلام آباد-09 ڊسمبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري ڪولمبو، سريلنڪا ۾ ميڊيا بريفنگ دوران بگڙجندڙ موسمياتي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ علائقائي سهڪار وڌائڻ جي سخت ضرورت تي زور ڀريو. وزارت مان جاري پريس رليز موجب وفاقي وزير جيڪو ڊتوا طوفان کان پوءِ پاڪستان جي يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ ٻن ڏينهن جي دؤري تي آهي، سريلنڪا جي متاثر علائقن جي بحاليءَ جي …

اسلام آباد-09 ڊسمبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري ڪولمبو، سريلنڪا ۾ ميڊيا بريفنگ دوران بگڙجندڙ موسمياتي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ علائقائي سهڪار وڌائڻ جي سخت ضرورت تي زور ڀريو. وزارت مان جاري پريس رليز موجب وفاقي وزير جيڪو ڊتوا طوفان کان پوءِ پاڪستان جي يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ ٻن ڏينهن جي دؤري تي آهي، سريلنڪا جي متاثر علائقن جي بحاليءَ جي ڪوششن ۾ مدد لاءِ اسلام آباد جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شرف، حڪومت ۽ پاڪستاني عوام طرفان جذبن جو اظهار ڪندي جنيد انوار چوڌري طوفان سبب ٿيل نقصان تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن ريمارڪس ڏنا ته اسان سريلنڪا جي حڪومت طرفان ڪيل فوري قدمن ۽ متاثر ڪميونٽيز طرفان ڏيکاري ويندڙ همٿ جي دل جي گهرائين سان تعريف ڪريون ٿا. جنيد انوار چوڌري هر ممڪن انساني ۽ فني مدد فراهم ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جي هدايتن کانپوءِ سريلنڪا لاءِ ڪافي انساني امدادي پيڪيج پهرين ئي روانو ڪيو ويو آهي. هن ٻُڌايو ته ڪولمبو ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر ميجر جنرل فهيم العزيز نيشنل ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي سان گڏجي سريلنڪا جي عملدارن سان ڪم ڪري رهيا آهيون ته جيئن امداد سامان جي وقت سر ترسيل ۽ ورڇ کي يقيني بڻائي سگهجي. ٻنهي ملڪن جي تاريخي طور تي مضبوطي دوستي ۽ سامونڊي ناتن کي اجاگر ڪندي جنيد انوار چوڌري ڊزاسٽر مئنجمينٽ، ميري ٽائم سيفٽي ۽ وقت کان اڳ وارننگ سسٽم ۾ سهڪار کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. هن سريلنڪا جي عوام لاءِ دُعا ڪندي چيو ته پاڪستان اڄ ۽ هميشه هڪ اعتماد جوڳو دوست ۽ ڀائيوار طور تي سريلنڪا سان گڏ بيٺل آهي.