ابوظهبي-09 ڊسمبر (اي پي پي) منصوبا بندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان حڪومت پوليو جي خاتمي کي قومي ترجيح سمجهي ٿي ۽ ان سلسلي ۾ ايندڙ چئن سالن دوران 639.54 ملين ڊالر رکيا ويندا ته جيئن ايندڙ نسلن لاءِ پوليو فري پاڪستان يقيني بڻائي سگهجي. هن گذريل ڏينهن ابوظهبي ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ رٿيل هاءِ ليول پليجنگ موومينٽ ۾ پاڪستان جي …
پاڪستان پوليو جي خاتمي واري پروگرام لاءِ ايندڙ چئن سالن ۾ 639.574 ملين ڊالر رکندو: احسن اقبال
ابوظهبي-09 ڊسمبر (اي پي پي) منصوبا بندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان حڪومت پوليو جي خاتمي کي قومي ترجيح سمجهي ٿي ۽ ان سلسلي ۾ ايندڙ چئن سالن دوران 639.54 ملين ڊالر رکيا ويندا ته جيئن ايندڙ نسلن لاءِ پوليو فري پاڪستان يقيني بڻائي سگهجي. هن گذريل ڏينهن ابوظهبي ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ رٿيل هاءِ ليول پليجنگ موومينٽ ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. اها تقريب يو اي اي جي حڪومت محمد بن زيد فائونڊيشن فار هيومينيٽي ۽ گلوبل پوليو ايريڊيڪيشن انيشيئٽو جي سهڪار سان منعقد ڪئي وئي. وفاقي وزير يو اي اي جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان جي لکين ٻارن کي پوليو کان محفوظ بنائڻ جي مسلسل ڪوششن ۽ پاڪستان سان اعتماد، انسانيت ۽ گڏيل مقصدن جي بنياد تي قائم مضبوط ڀائيواري تي شڪريو ادا ڪيو. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان ۾ پوليو جو خاتمو ايندڙ نسلن لاءِ اخلاقي ذميداري ۽ قومي فرض آهي، پاڪستان ان فرض کي يڪجهتي، عزم ۽ قومي اِرادي سان پورو ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ وائرس جي پکيڙ ڪيترن ئي ڏهاڪن جي گهٽ ترين سطح تي آهي، ويڪسي نيشن جي معيار ۾ مسلسل بهتر اچي رهي آهي، نگرانيءَ جو نظام مضبوط آهي ۽ ڪميونٽي جو اعتماد به وڌي رهيو آهي. احسن اقبال، وزيراعظم شهباز شريف جي سياسي قيادت کي ساراهيو جنهن تحت پوليو جو خاتمو قومي ترجيح بڻايو ويو آهي ۽ اُڏام پاڪستان تحت جامع صحت سڌارن ۾ پوليو انفراسٽرڪچر کي شامل ڪيو ويو آهي. هن عالمي ڀائيوارن جي اهميت کي به ورجايو ۽ يو اي اي، محمد بن زيد فائونڊيشن فار هيومينيٽي، ڊبليو ايڇ او، يونيسيف، روٽري، انٽرنيشنل، بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيش، سي ڊي سي ۽ گلوبل پوليو ايريڊيڪيشن انيشيئٽو جي سمورن ڀائيوارن جي مستقل حمايت جو اعتراف ڪيو. احسن اقبال چيو ته پاڪستان ايندڙ چئن سالن دوران 639.54 ملين ڊالر رکڻ جو عهد ڪري رهيو آهي ته جيئن هڪ پوليو فري مستقبل کي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته اهو عهد پاڪستان جي عزم، ملڪيت ۽ پوليو جي مڪمل خاتمي لاءِ مضبوط وابستگي جي علامت آهي، پوليو جي خاتمي لاءِ گيٽس فائنڊيشن طرفان پڻ 1.2 ملين ڊالرن جو اعلان ڪيو ويو. وفاقي وزير بل گيٽس سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ هن پوليو جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي پُختي عزم کي ورجايو ۽ وزيراعظم جو پيغامِ تشڪر بل گيٽس تائين پهچايو جنهن ۾ پاڪستان جي پوليو جي خاتمي جي ڪوششن ۾ انهن جي خدمتن جو اعتراف ڪيو ويو.












