شڪارپور-09 ڊسمبر (اي پي پي) شڪارپور پوليس جو ڏوھارين خلاف ڪامياب آپريشن جاري آهي. سنڌ جي گهرو معاملن واري وزير ضياءُ الحسن لنجار ايس ايس پي شڪارپور ۽ پوليس ٽيم کي شاباش ڏني آهي. گھرو وزير، ڏوهارين خلاف آپريشن دوران ڊي ايس پي پارس بکراڻي ۽ ڊي ايس پي ظهور سومرو جي بهادري کي سلام پيش ڪندي چيو ته شڪارپور پوليس جي هي هڪ ڪامياب ڪارروائي آهي. ڏوهاري عنصرن ۾ …
ڏوھن ۾ ملوث عنصرن خلاف پوليس جون ڪارروائيون تعريف جوڳيون آهن: گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار

مزید خبریں
شڪارپور-09 ڊسمبر (اي پي پي) شڪارپور پوليس جو ڏوھارين خلاف ڪامياب آپريشن جاري آهي. سنڌ جي گهرو معاملن واري وزير ضياءُ الحسن لنجار ايس ايس پي شڪارپور ۽ پوليس ٽيم کي شاباش ڏني آهي. گھرو وزير، ڏوهارين خلاف آپريشن دوران ڊي ايس پي پارس بکراڻي ۽ ڊي ايس پي ظهور سومرو جي بهادري کي سلام پيش ڪندي چيو ته شڪارپور پوليس جي هي هڪ ڪامياب ڪارروائي آهي. ڏوهاري عنصرن ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائيون جاري رکڻ گهرجن. پوليس عوام جي تحفظ لاءِ جان جي پرواهه نه ڪئي ۽ پوليس مقابلي ۾ 8 خطرناڪ ڏوهاري مارجي وڃڻ هڪ ڪامياب قدم آهي. هن هدايت ڪئي ته ڊي ايس پي پارس بکراڻي ۽ ڊي ايس پي ظهور سومرو کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. ڏوھن ۾ ملوث عنصرن خلاف پوليس جون ڪارروائيون تعريف جوڳيون آهن. گهرو وزير چيو ته سنڌ حڪومت ڏوھن جي خاتمي لاءِ پوليس سان گڏ آهي. بهادر سنڌ پوليس هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪيو ته قانون جي عملداري سڀ کان اهم آهي.










