باڪو ۾ او آءِ سي ڪلچرل فيسٽيول 2025ع جي شروعات، پاڪستان کي آذربائيجان جي ميزباني تي فخر آهي: وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي

باڪو -09 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان جي قومي ورثي ۽ ثقافت بابت وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي چيو آهي، ته پاڪستان کي برادر ملڪ آذربائيجان تي فخر آهي، هن او آءِ سي ڪلچرل فيسٽيول باڪو ڪري ايٽو ويڪ 2025ع جهڙي تاريخي ۽ اهم ايونٽ جي ميزباني ڪئي. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته باڪو اڄ اسلامي دنيا جو ثقافتي، تخليقي ۽ فڪري مرڪز بڻجي چڪو آهي، جيڪو …

باڪو -09 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان جي قومي ورثي ۽ ثقافت بابت وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي چيو آهي، ته پاڪستان کي برادر ملڪ آذربائيجان تي فخر آهي، هن او آءِ سي ڪلچرل فيسٽيول باڪو ڪري ايٽو ويڪ 2025ع جهڙي تاريخي ۽ اهم ايونٽ جي ميزباني ڪئي. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته باڪو اڄ اسلامي دنيا جو ثقافتي، تخليقي ۽ فڪري مرڪز بڻجي چڪو آهي، جيڪو مسلمان ملڪن وچ ۾ تعاون کي نئين جدت ڏئي رهيو آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان هميشه اهڙن قدمن ۾ ڀرپور حصو وٺڻ لاءِ تيار آهي جيڪي اسلامي اتحاد کي مضبوط ڪن ۽ گڏيل ثقافتي قدرن کي هٿي ڏين. اورنگزيب خان کچي چيو ته هي پليٽ فارم رڳو هڪ فيسٽيول ناهي پر اسلامي دنيا ۾ ثقافت قربت، تخليقي مٽاسٽا ۽ اسٽريٽجڪ تعاون جو اهم موقعو آهي. هن چيو ته اسلامي ملڪن جي گڏيل تاريخ، ثقافت ۽ مذهبي رشتو رڳو علامتي طور نه پر حقيقي شراڪتداري جي اصول کي جوڙي ٿو ۽ پاڪستان ان اتحاد کي هٿي ڏيڻ لاءِ هر سطح تي سهڪار ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. وفاقي وزير آذربائيجان جي ثقافتي سفارتڪاري ۽ علائقائي عالمي سطح تي ثقافتي تعاون کي هٿي وٺائڻ لاءِ ڪيل ڪوششن کي واکاڻ جوڳو قرار ڏنو. هن اميد ظاهر ڪئي ته آذربائيجان جون اهي مثبت سرگرميون جاري رهنديون ۽ اسلامي دنيا جي ثقافتي سڃاڻپ کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون.