پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي جي نئين لھر، 100 انڊيڪس 1،69،223 پوائنٽس جي حد پار ڪري ويو

اسلام آباد - 09 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ گذريل ڏينھن به تيزي جو رجحان برقرار رھيو، جتي ٽريڊنگ جي شروعات کان وٺي سيڙپڪارن طرفان ڀرپور خريداري مارڪيٽ جي مجموعي اعتماد کي وڌيڪ مستحڪم ڪيو. مارڪيٽ کلندي ئي 100 انڊيڪس ۾ 923 کان وڌيڪ پوائنٽس جو اضافو رڪارڊ ٿيو، جنھن کانپوءِ انڊيڪس وڌي 1،69،223 پوائنٽس جي نئين تاريخي سطح تي پھچي ويو. مارڪيٽ جي ماھرن مطابق بئنڪنگ، …

اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ گذريل ڏينھن به تيزي جو رجحان برقرار رھيو، جتي ٽريڊنگ جي شروعات کان وٺي سيڙپڪارن طرفان ڀرپور خريداري مارڪيٽ جي مجموعي اعتماد کي وڌيڪ مستحڪم ڪيو. مارڪيٽ کلندي ئي 100 انڊيڪس ۾ 923 کان وڌيڪ پوائنٽس جو اضافو رڪارڊ ٿيو، جنھن کانپوءِ انڊيڪس وڌي 1،69،223 پوائنٽس جي نئين تاريخي سطح تي پھچي ويو. مارڪيٽ جي ماھرن مطابق بئنڪنگ، سيمينٽ، تيل ۽ گيس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ نمايا خريداري ڏسڻ ۾ آئي، جنھن مجموعي انڊيڪس کي سھارو ڏنو. سيڙپڪارن کي اميد آھي ته حڪومتي معاشي قدمن، مالياتي سڌارن ۽ آءِ ايم ايف پروگرام ۾ اڳڀرائي مارڪيٽ لاءِ وڌيڪ استحڪام جو سبب بڻجندي. ڪاروباري حلقن جو چوڻ ھو ته پاليسي ساز ادارن طرفان مالياتي نظم و ضبط، بھتر ٽيڪس سڌارن ۽ پرڏيھي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ بھتري جي اميد سيڙپڪارن جي اعتماد کي وڌيڪ مضبوط ڪيو آھي. فاريڪس مارڪيٽ ۾ به استحڪام ڏٺو ويو. انٽر بئنڪ ۾ آمريڪي ڊالر 280.41 روپين جي سطح تي برقرار رھيو. ڪرنسي ڊيلرز مطابق آمدني واپار جي ادائيگين ۾ بھتري، پرڏيھي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو مستحڪم رھڻ ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي اثرائتي نگراني روپئي کي سھارو ڏنو آھي. معاشي تجزيه ڪارن جو چوڻ آھي ته اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ مسلسل تيزي ان ڳالھه جي علامت آھي ته سيڙپڪار ملڪي معيشت جي مستقبل بابت پراميد آھن. پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ مسلسل ٻي ڏينھن به مضبوط تيزي سيڙپڪارن لاءِ ھاڪاري ماحول پيدا ڪيو آھي. معاشي اھڃاڻن ۾ بھتري ۽ سياسي استحڪام جي اميد ايندڙ ڏينھن ۾ مارڪيٽ کي وڌيڪ سگھه فراھم ڪري سگھي ٿي.