اسلام آباد - 09 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گذريل رات ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي اڳوڻن ڳالهه ٻولهه دوران ٻطرفي لاڳاپن ۽ علائقائي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي لاڳيتو اعليٰ سطحي مٽاسٽا کي ساراهيندي چيو ته هو هلندڙ هفتي جي آخر ۾ ترڪمانستان …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه

مزید خبریں
اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گذريل رات ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي اڳوڻن ڳالهه ٻولهه دوران ٻطرفي لاڳاپن ۽ علائقائي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي لاڳيتو اعليٰ سطحي مٽاسٽا کي ساراهيندي چيو ته هو هلندڙ هفتي جي آخر ۾ ترڪمانستان جي گادي واري شهر اشڪ آباد ۾ ٿيندڙ امن ۽ اعتماد جي عالمي فورم ۾ شرڪت جا منتظر آهن.











