اسلام آباد-09 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاران تازي 1.2 بلين ڊالر جي مالياتي قسط جاري ڪرڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان معاشي استحڪام ۽ ترقي لاءِ ضروري قدمن تي عمل ڪري رهيو آهي، سڌارن جي ايجنڊا کي لاڳو ڪرڻ ۽ اقتصادي ترقي جي راهه هموار ڪرڻ ۾آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل …
آءِ ايم ايف پاران 1.2 بلين ڊالر جي مالياتي قسط جاري ڪرڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان معاشي استحڪام ۽ ترقي لاءِ ضروري قدمن تي عمل ڪري رهيو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
اسلام آباد-09 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاران تازي 1.2 بلين ڊالر جي مالياتي قسط جاري ڪرڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان معاشي استحڪام ۽ ترقي لاءِ ضروري قدمن تي عمل ڪري رهيو آهي، سڌارن جي ايجنڊا کي لاڳو ڪرڻ ۽ اقتصادي ترقي جي راهه هموار ڪرڻ ۾آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي مدد جو اهم ڪردار آهي، اهو وقت پري ناهي جڏهن پاڪستان پنهنجي قرضن مان مڪمل طور تي نجات حاصل ڪري معاشي طور تي پاڻڀرو ٿيندو. اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاران حڪومتي مُعاشي سُڌارن ۽ قدمن جي اثرائتي عملدرآمد جي ڪري جاري پروگرام تحت قسط جاري ڪرڻ تي حڪومت جي معاشي ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو آهي. وزيراعظم چيو ته عالمي مالياتي فنڊ پاران پاڪستان ۾ مُعاشي سڌارن ۽ قدمن جي اثرائتي عملدرآمد تي اطمينان جو اظهار معاشي ٽيم، خاص طور تي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب ۽ سندس ٽيم جي محنت جو چٽو ثبوت آهي. آءِ ايم ايف پاران تازي مالي قسط جاري ڪرڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان معاشي استحڪام ۽ ترقي لاءِ ضروري قدمن تي عملدرآمد ڪري رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته ڏيوالو ٿيڻ جي ڪنڌيءَ کان ملڪ کي استحڪام ۽ ترقي طرف منتقل ڪرڻ هڪ ڏکيو مرحلو هو جنهن لاءِ سڀني گڏجي قرباني ڏني. سياسي پارٽين سياست جي قُرباني ڏيئي ۽ قوم معاشي مُسڪلاتُون برداشت ڪري ناممڪن کي ممڪن ڪري ڏيکاريو. وزيراعظم چيو ته خدا جي فضل سان پاڪستان جا معاشي سڌارا ۽ ڊجيٽلائيزيشن هڪ ڪامياب ڪيس اسٽڊي طور تي دنيا لاءِ هڪ مثال بڻجي ويا آهن. پاڪستان جي معاشي ترقي جو خواب جلد ساڀيان ماڻيندو. وزيراعظم چيو ته استحڪام کانپوءِ ترقي طرف وڌڻ معيشت جي حوالي سان اڃان وڌيڪ محنت جي ضرورت آهي. پاڪستان جي خادم جي حيثيت سان مان پاڪستاني عوام جي خوشحالي ۽ ملڪ کي ٻاهرين قرضن مان مڪمل نجات تائين محنت جاري رکندس. انشاءَ الله اهو وقت پري ناهي جڏهن پاڪستان قرضن مان مڪمل نجات حاصل ڪري معاشي طور تي پاڻڀرو ٿيندو.












